خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو، 24 ڪلاڪن دوران گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ  12 ٻارڙا سٽي اسپتال خيرپور داخل. خبر موجب خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن سان تعلق رکندڙ وڌيڪ 12 گيسٽرو مريض ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هڪ هفتي اندر گيسٽرو سبب سٽي اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن جو انگ وڌي 263 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن ۾ شاهزيب، حاجاڻي، عالمه، محمد تڳيل، نگهت، شمائلا، زينب، زويه بتول، آذان، عمير ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن وڏي تعداد ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙا اسپتال داخل ٿيڻ سبب اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب هڪ بيڊ تي ٻن کان ٽي ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن.