جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ 6 جون تي ٺل واسڻ عورت صبيحا زال منير سرڪي کي ويم لاءِ آندو ويو، جتي ڊاڪٽر شبنم ابڙو ۽ ڊاڪٽر افشان اڄڻ جي مبينا غفلت سبب عورت ۽ سندس پيٽ ۾ ٻار فوت ٿي ويا ھئا، جنهن معاملي جو ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ حيدرآباد نوٽيس وٺندي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪاميٽي ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو ڊاڪٽر رستم ڀٽو جي سربراهي ھيٺ جوڙي ڇڏي آهي، ڪاميٽي ۾ ڊي ايچ او دادو ڊاڪٽر زاھد ڏاوچ، چانڊڪا اسپتال جي گائني ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو شامل آهن، ڪاميٽي کي ھدايت ڪئي وئي ته ھو پنجن ڏينهن اندر معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ موڪلي ڏين. ان سلسلي ۾ ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر رستم ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون کي واٽس اپ ذريعي جاچ لاءِ سربراهه مقرر ھئڻ جو پتو پيو آهي، ھارڊ ڪاپي مون کي موصول ناهي ٿي، اھا ڪاپي ملڻ بعد جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو.