شھدادپور(ن پ ا) 8 ورهين جي نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار، فريادي پاران سڃاڻپ، اڄ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو. ان سلسلي ۾ پوليس هفتو اڳ معصوم نينگري ڪاجل کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ مُک جوابدار روشن ڀيل کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس پاران هاءِ پروفائل ڪيس جي جوابدار کي گرفتار نه ڪرڻ بابت ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار مسلسل زيادتي واقعي جي ڪوريج ڪئي ۽ اهڙين خبرن تي ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد نوٽيس ورتو ۽ ايس ايس پي سانگھڙ کي فوري طور جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي هئي، هڪ هفتي بعد پوليس ڄاڻايل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ شھدادپور ٿاڻي جي انچارج طفيل ڀٽو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار کي ٻرهوڻ روڊ تان گرفتار ڪيو آهي جيڪو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿي رهيو هو ته پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ وٺي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي. جوابدار جي گرفتاري جو ٻڌي متاثر خاندان به ٿاڻي تي پهتو ۽ جوابدار جي سڃاڻب ڪئي، متاثر خاندان ڪوريج ڏيڻ تي روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جا ٿورا مڃيا ۽ دعائون پڻ ڪيون.