ٿاڻوبولاخان ( ن پ ا ) سري شھر جي رھواسي ديوان جي بند پيل گھر مان گھريلو سامان جي چوري جي ايف آءِ آر 4 ڄڻن خلاف داخل ڪئي وئي آهي. پوليس واپاري موھن مل جي فرياد تي شبير خاصخيلي ۽ اڱارو خاصخيلي سميت 2 نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪري 2 جوابدار شبير خاصخيلي ء اڱارو خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ جوابدارن کي سول ڪورٽ ٿاڻوبولاخان ۾ پيش ڪيو، جتان کين ٻن ڏينھن جي پوليس رمانڊ ڏنو ويو جڏھن ته ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته چوري ننڊن ٻاڙرن ڪئي جيڪا راڄوڻي ڪري واپس پڻ ڪئي پر ان باوجود پوليس ڪيس ۾ معصوم ڇوڪرن جي والد ۽ چاچي کي گرفتار ڪري ڇڏيو آھي.