جوهي (ن پ ا) جوهي ۾ بدامني خلاف  شھرين پاران ڊاڪٽر منظور چوڪ تي رڪاوٽون رکي جوهي_ دادو روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي نياز ٿهيم, محمد ٿهيم ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ جوهي شھر ۾  گهر اڳيان بيٺل رڪشا چوري ٿي ويو، ٿاڻن جو چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آھيان ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، پوليس ڪجھه ناهي ڪيو، امن قائم ڪرايو وڃي.