ميھڙ (ن پ ا) احساس ڪفالت پروگرام ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رھجي ويل عورتن جي رجسٽريشن  سينٽر ۾ سهولتن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته سينٽر تي امداد لاءِ آيل عورتن جي تذليل  ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان سينٽر تي پھتل عورتن دانهيندي چيو ته سينٽر تي ايجنٽ مافيا سرگرم آھي جيڪي صرف پيسن عيوض رجسٽريشن ڪري رھيا آھن، جڏھن ته پئسا نه ڏيندڙ عورتن کي تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته سينٽر تي ايجنٽ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.