روهڙي (ن پ ا) مشهور صوفي بزرگ حضرت بيدل بيڪس درگاھ جي گادي نشينيءَ تي هلندڙ تڪرار، ٻن ڌرين وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرائڻ ۽ انتظاميا پاران درگاھ تالابنديءَ سبب عقيدتمندن ۽ زائرين ۾ سخت مايوسي پکڙجي وئي. ان سلسلي ۾ صوفي شاعر حضرت بيدل بيڪس درگاهه جي عقيدت مند ۽ خدمتگار مسمات پروين عرف لالي پٺاڻي صوفياڻي لباس ۾ روهڙي پريس ڪلب پهچي پ پ اڳواڻن خورشيد احمد شاھ ۽ ناصر حسين شاھ کي اپيل ڪئي ته معاملي ۾ مداخلت ڪري درگاھ بيدل بيڪس جي گادي نشيني واري تڪرار کي حل ڪرائي عقيدتمندن ۽ زائرين ۾ پکڙيل مايوسي ختم ڪئي وڃي.