جوهي(ن پ ا) جوهي تعلقي اسپتال عملي بيحسي جي حد ڪري ڇڏي، لاش کڻڻ لاء ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن سبب وارث لوڊر رڪشا تي مڙهه اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڄام ٻٻر جي رهواسي پورهيت منٺار ٻٻر کي گرمي لڳڻ سبب بيهوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال جوهي آندو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو، جنهن جي مڙهه کي اباڻي ڳوٺ کڻي وڃڻ لاء اسپتال عملي پاران ڊرائيور نه هجڻ جو چئي ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مسڪين ڪاڇي واسي فوتي منٺار ٻٻر جو لاش لوڊر رڪشا تي کڻائي ويا. اسپتال عملي جي بيحسي بابت فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب ڪاڇي جا روڊ رستا تباهه آهن اسپتال عملي جي بيحسي آهي جو لاش کڻڻ لاء ايمبولينس ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن فوتي جو لاش لوڊر رڪشا تي رکڻ بعد ڪيترن ئي منٽن تائين لوڊر رڪشا اسٽارٽ نه ٿيو جنهنکي بعد ۾ ڳوٺاڻن پاران ڌڪو ڏئي اسٽارٽ ڪرڻ بعد لاش کي ڪاڇي جي ڳوٺ ڄام ٻٻر کڻائي ويا.