ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ انٽر جا امتحان شروع، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو، سکر بورڊز تحت پهرين مرحلي ۾ ٻارهين درجي جو امتحان ورتو پيو وڃي، لاڙڪاڻي ۾ فزڪس جو پرچو سينٽرز تي پهچڻ کان اڳ آئوٽ ٿي واٽس ايپ گروپس ۾ پهچي ويو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۾ به ڪاپي جي ڌم متل آھي، ان سلسلي ۾ تعليم کاتي موجب يارهين جماعت جا امتحان 7 آگسٽ کان شروع ٿيندا. ان سلسلي ۾ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ماتحت ٻارهين درجي جا امتحان شروع ٿي ويا آهن. حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 46 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءِ 170 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ڪنٽرولر مطابق پهرين ڏينهن صبح جي شفٽ ۾ باٽني، پاڪستاني ڪلچرل، لائبريري سائنس ۽ ميل مينجمينٽ جا پيپر ورتا ويا جڏهن ته شام واري شفٽ ۾ اڪنامڪس ۽ بڪ ڪيپنگ جو پيپر ورتو ويو. ڪنٽرولر موجب ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي باٽني جي پيپر کي هڪ ڪلاڪ تائين محدود ڪيو ويو هو. مسرور زئي دعويٰ ڪئي ته حڪومت پاران جوڙيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي. امتحاني سينٽرن ۾ داخل ٿيندڙ اميدوار ماسڪ پهري سماجي وٿي کي نظر ۾ رکندي پيپرن ۾ شامل ٿيا. هنن چيو ته امتحانن دوران ڪاپي کي روڪڻ لاءِ 22 ويجيلينس ڪميٽيون جوڙيون ويون جن چيئرمين، ڪنٽرولر ۽ سيڪريٽري سان گڏجي مختلف ضلعن جي امتحاني مرڪزن تي اوچتا ڇاپا هنيا. هوڏانهن پهرين ڏينهن لڳ ڀڳ سمورن سينٽرن تي امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم متل رهي. موبائيل فون سينٽر ۾ کڻي وڃڻ تي پابندي باوجود اڪثر اميدوار موبائيل فون کڻي ويا جن فون ذريعي پيپر پنهنجي دوستن ۽ مٽن مائٽن ڏانهن واٽس ايپ ڪري پيپر ۾ لکيل سوالن جا جواب وصول ڪيا جڏهن ته ڪجهه سينٽرن تي استادن توڙي ماسترياڻين پاران به اميدوارن کي ڪاپي ڪرائي وئي. ٻئي طرف سکر تعليمي بورڊ ماتحت ٻارھين جماعت جا امتحان شروع ٿي ويا، اڪثر سينٽرن تي ڪاپي سري عام جاري، موبائيل فون جي استعمال سبب فزڪس جو پھريون پيپر آئوٽ ٿي ويو. سکر ڊويزن جي ٽنھي ضلعن مان 15 اميدوار ڪاپي ڪيس، سکر تعليم بورڊ جي ماتحت ٻارھين جماعت فزڪس جو پھريون پيپر سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ قائم ڪيل 101 سينٽرن تي ورتو ويو، اڪثر امتحاني سينٽرن تي ڌڙا ڌڙ ڪاپي رھي، موبائيل فون جي استعمال سبب سواليا پيپر ملڻ کان پوءِ فزڪس جو پھريون پيپر فوري طور تي آئوٽ ٿي واٽسپ گروپن جي زينت بڻجي ويو ۽ ماڻھو حل ڪري واٽسپ ذريعي پنھنجن ڏانھن اماڻيندا رھيا. سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ وڏي پئماني تي ڪاپي ٿيڻ باوجود صرف 15 اميدوارن کي ڪاپي جي روڪٿام لاءِ جوڙيل ٽيمن ڪاپي ڪيس ڪيو. هوڏانهن تعليمي بورڊ ميرپورخاص ۾ يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا، ٻارھين جي فزڪس جو پيپر ورتو ويو، جتي ايس او پيز جو پڻ خيال رکيو ويو، مخلتف سينٽرن جي ڪاپي جي ڌم متل رھي، جڏھن ته تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي امتحانن واري ڪنٽرولر انجينيئر انور عليم خانزاده مختلف سينٽرن جو دورو ڪيو، جتي دوري دوران ڍينگاڻ جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ 4 شاگردن کي نقل ڪندي پڪڙي ورتو ،جن تي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، جڏھن ته تعليمي بورڊ ٽن ضلعن عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ضلعن تي مشتمل آھي، جن ۾ پوري ڊويزن ۾ امتحانن لاءِ ٽوٽل 51 مرڪز قائم ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف عمرڪوٽ شھر جي مختلف امتحاني سينٽرن تي ٻارھين ڪلاس جو پيپر ٿيو جڏھن ته ٻارھين ڪلاس جو فزڪس پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿيو ۽ سينٽرن ٻاھران ڪاپي ڪرائيندڙن جي ڌم متل رھي ڊاريڪٽر ڪاليجز ڊويزن ميرپوخاص پروفيسر ميرچند اوڏ عمرڪوٽ پھچي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو پنھنجي اخبار سان ڳالھيندي ھن چيو ته ڪاپي ڪلچر ۽ واٽس ايپ جو استعمال روڪيو ويو آھي ڊويزن ۾ انٽر جا امتحان بھتر ھلن پيا ڪا خاص شڪايت ناھي ملي.