حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نسيم نگر پوليس ويڳي ڀائرن جي جهيڙي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي پٽ سميت گرفتار ڪري مبينا طور گم ڪري ڇڏيو، گهر ۾ ويٺل عورتن معصوم ٻارن تي شدد ڪري کين سامان سميت گهران بيدخل ڪيو ويو. متاثر عورت حاجران ملاح ٻڌايو ته پوليس سندس ويڳي پٽ واجد جي فرياد تي 20 جولاءِ جي ڏينهن سندس پٽ حضور بخش ملاح، سبحان ملاح، ڪامران، رضوان ملاح ۽ پنهون سميت 5 ڄڻن خلاف حملي ۽ ڦرلٽ جو ڪيس داخل ڪيو هو. آچر ۽ سومر جي وچ واري رات نسيم نگر پوليس ڪيس ۾ نامزد ڀائرن جي گرفتاري لاءِ ڇاپي بهاني گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي کين گهران ڪڍيو جڏهن ته گهر ۾ ويٺل سندس پٽ پنهون ملاح ۽ ان جي 12 سالن جي پٽ علي کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي جنهن کي 48 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر پوليس سندن گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي. هنن چيو ته گهران بيدخل ٿيڻ بعد هو پنهنجن ڌيئرن، ننهن ۽ سندن معصوم ٻارن سميت سڄي رات گهٽي ۾ سامان سميت مدد لاءِ واجهائيندي رهي پر ڪنهن به سندس مدد نه ڪئي. ٻئي طرف ويڳن ڀائرن پاران حملي جي ڪيس ۾ نامزد چئن ڀائرن حضور بخش ملاح، سبحان ملاح، ڪامران ۽ رضوان ملاح لاڳاپيل عدالت پهچي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته متاثر عورت حاجران ملاح ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ گهر تي مبينا طور ويڳي پٽن جي قبضي ۽ پٽ سميت ٻن ڄڻن کي پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ هن ايس ايس پي، ڊي ايس پي قاسم آباد ۽ ايس ايڇ او نسيم نگر کي ڌر بڻايو. جنهن تي عدالت ايس ايس پي سميت لاڳاپيل پوليس عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 28 جولاءِ تي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن سونهري بڪ ڊيپو واري علائقي ۾ ويڳي پٽن واجد ملاح ۽ ٻين آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پنهنجي ويڳي ماءُ حاجران ملاح، ڀينرن ۽ ڀاڄائين کي گهران ڪڍي گهر تي مبينا طور قبضو ڪري ورتو. ”ٽائيم نيوز“ جي ٽيم ڪوريج لاءِ پهتي ته گهر ۾ مبينا طور جديد هٿيارن سان ليس ماڻهن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي. ”ٽائيم نيوز“ جي ٽيم فائرنگ واقعي جو اطلاع نسيم نگر ۽ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر ٻنهي ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن بعد متاثر ماڻهو فائرنگ واقعي خلاف احتجاج ڪندا رهيا. مسمات حاجران ملاح جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل گهر سندس مڙس سومر ملاح جو آهي جتي هو پنهنجي پٽن حضور بخش ۽ ٻين سان گڏ رهندي هئي. ايس ايڇ او نسيم نگر ضياد علي نوناري ويڳي پٽ واجد ۽ ٻين کان رشوت وٺي گهر تي ڪاهه ڪئي.