خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ موجوده صدر سانول ڳاهو ۽ اڳوڻي صدر سيد گمبل شاهه عرف شيراز شاهه وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ان حوالي سان خيرپور آرٽس ائونسل جي موجوده صدر سانول ڳاهي اڳوڻي صدر سيد گمبل شاهه عرف شيراز شاهه مٿان فيسن جي مَدِ ۾ 2 لک 96 هزار رپين جو ڪوڙو چيڪ بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ خلاف خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي اڳوڻي صدر شيراز شاهه خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي حڪم جي استدعا ڪئي آهي، عدالت اهڙي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي صدر، ايس ايچ او اي سيڪشن ۽ سنڌ بينڪ جي مئنيجر کي نوٽيس جاري ڪندي تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ان حوالي سان آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي صدر خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندڙ موجوده صدر سانول ڳاهو ٻڌايو ته اڳوڻو صدر شيراز شاهه آرٽس ڪائونسل جي ڊي ايس ايل ڪيمرا، ليپ ٽاپ ۽ ڪراڪريءَ جو سامان واپس نه ڪيو آهي، جڏهن ته گذريل چونڊن دوران اڳوڻي صدر شيراز شاهه ميمبرن کان فيسون پڻ وصول ڪيون، جنهن جي مد ۾ هن آرٽس ڪائونسل جي اڪائونٽ ۾ پنهنجي ذاتي اڪائونٽ جو 2 لک 96 هزار رپين جو چيڪ جمع ڪرايو هو، جيڪو بينڪ ۾ بائونس ٿيو آهي، جنهن لاءِ کيس مختلف وقتن تي ليٽر جاري ڪيا ويا پر هن سامان واپس ڪرڻ توڙي آرٽس ڪائونسل جي فيسن جا 2 لک 96 هزار رپيا پڻ واپس ناهن ڪيا، جنهن سبب مجبور ٿي سندس خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، ٻي طرف آرٽس ڪائونسل جي اڳوڻي صدر سيد گمبل شاهه عرف شيراز شاهه جو چوڻ آهي ته بينڪ مان چيڪ واپس ٿيڻ بعد هن 2 لک 96 هزار رپيا روڪ رقم آرٽس ڪائونسل جي خزانچي لطيف چانڊيو کي هٿون هٿ ڏني، جنهن جي رسيد پڻ خزانچي پاران مون کي جاري ڪئي وئي آھي، اهڙي رسيد سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ جمع ڪرائي اٿم، ان جي باوجود مون خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي مون کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته آرٽس ڪائونسل جي موجوده باڊيءَ جي ڪرپشن خلاف مون پاران سکر هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن تان دستبردار ٿيڻ لاءِ مون مٿان ڪوڙي پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي ۽ داخل ڪرايل پٽيشن ۾ مون مٿان لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن، هن الزام مڙهيو ته آرٽس ڪائونسل جي ميمبرشپ جي مد ۾ مون کي مليل 2 لک 96 هزار رپيا خزانچي لطيف چانڊيو مون کان وٺي بينڪ ۾ جمع ناهن ڪرايا، انهن پيسن ۽ موجود صدر کي گمراهه ڪرڻ جو کائنس پڇاڻو ڪيو وڃي ته حقيقتون سامهون اچي وينديون، شيراز شاهه الزام مڙهيو ته آرٽس ڪائونسل جي موجوده باڊي بوگس ميمبرشپ ذريعي جوڙي وئي آھي، جڏهن ته منهنجي حمايتي 110 ميمبرن کي ڪائونسل مان نيڪالي ڏيڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون هيون، جنهن ڪري مون هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ۽ عدالت 12 اگسٽ تي ڌرين کي طلب ڪيو آھي ۽ مون کي اميد آهي ته عدالت مون سان ضرور انصاف ڪندي.