جوهي (ن پ ا) جوهي آبپاشي کاتي ۾ جوهي 2010ع جي مهاٻوڏ بعد برانچ جي بحالي ۽ ريماڊلنگ سميت 11 ورهين ۾ آيل ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. 2010ع جي مهاٻوڏ بعد جوهي برانچ ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي بحالي ۽ ماڊولز جي مرمت، 2015ع ۾ 29 ڪروڙ رپين جي ريماڊلنگ سميت 11 ورهين ۾ آيل ڪروڙين رپين جي آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي ڪرپشن بابت نيب جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي جي ذريعن نيب ٽيم جي جوهي پهچي برانچ ۽ مختلف شاخن جو جائزو ورتو. ذريعن موجب نيب ٽيم ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي جو رڪارڊ پڻ گڏ کڻي وئي آهي.