نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ پبلڪ پارڪ جي رهواسي عارف ڪنڀر جو 4 ورهين جو پٽ سهيل ڪنڀر گهر ڀرسان واٽر جي ڪپ تي راند ڪندي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي نينگر کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻي طرف نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.