ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ غلام محمد ٿهيم جو رهواسي 16 ورهين جو شاهد حسين ولد رسول بخش ٿهيم ندرا شاخ ۾ وهنجڻ دوران شاخ ۾ لڳل سيمنٽ جي بلاڪ سان ٽڪرائجي ٻڏي ويو، علائقي واسين نينگر کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊ ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ٻي طرف نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.