ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ واري ڪيس ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تان مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽي ايندڙ ٻڌڻي تي هر حال ۾ جواب جمع  ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ، سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل لاءِ وفاقي وزير سينيٽر فيصل سبزواري، ڪنور نويد جميل ۽ ٻين جي درخواست تي مڪاني کاتي جو سيڪريٽري پيش ٿيو ۽ نه ئي وري جواب جمع ڪرايو، عدالت  ايڊيشنل سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل نه ٿيو ته توھان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته مون کي چارج وٺندي اڃا هڪ هفتو مس ٿيو آهي ، عدالت ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،