ملير(رپورٽر) لانڍي ۾ ڦرلٽ جي ڪوشش: مقابلو: ڦورو مارڻ جي دعويٰ، پوليس موجب لانڍي جي يونس چورنگي وٽ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن هٿياربندن شهرين کان ڦر لٽ ڪئي، پوليس جي پهچڻ تي هٿياربند ڦورن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جڏهن ته هڪ شهري ۽ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٽي ڦورو فرار ٿي ويا  .