ڪراچي مان ٻن ڄڻن جا تشدد ۽ گوليون لڳل لاش هٿ

0
274
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي جي علائقي  بلديا يار محمد ڳوٺ ۾ فارم مان ٻن ڄڻن جا تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

پوليس موجب مقامي ماڻهن جي اطلاع تي فورس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن

پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ لال بخش ولد احمد بخش جتوئي ۽ هوشيار علي  ولد لطف علي ابڙو طور ٿي، لال بخش کي گوليون ۽  هوشيار علي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو آهي

پوليس ٻڌايو آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، شاهديون گڏ ڪيون ويون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

پوليس اھلڪارکي شھيد ڪندڙ جوابدار بااثر شخصيت جو پٽ نڪتو