“جوابدار پڪڙيم ته پنهنجا آفيسر ئي ڏمرجي پيا!” ڪوٽڙي جي چوڪي انچارج جي دانهن

0
987

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي جي پوليس چوڪي انچارج دانهيو آهي ته ڏوهاري پڪڙڻ کان پوء پريشان آهيان، حراسان ڪيو پيو وڃي. اي ايس آءِ عباس پنهور جو چوڻ هو ته 5 ايف آء آرز ۾ نامزد جوابدار پڪڙيم ته پنهنجا آفيسر به ڏمرجي پيا، ايس ايس پي آفيس جي ڪمپلينٽ سيل جي انچارج هڪ لک ويھ هزار رپيا جوابدار ڌر کي ڀري ڏيڻ جو چيو آهي. هن چيو ته هفتو اڳ جوابدار پڪڙي دادو ضلعي جي ڪڪڙ پوليس حوالي ڪيم، سندس عزيز ٿاڻي تي اچي ڌمڪائين ٿا. ڊي ايس پي فاروق لاکير جوابدار ڌر کي ٻن ڏينهن اندر 120,000 ڀري ڏيڻ جو چيو آهي. پوليس عملدار ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. هوڏانهن ڊي ايس پي فاروق لاکير جو چوڻ آهي ته انڪوائري ۾ ثابت ٿيو آهي ته چوڪي انچارج جوابدار کان پئسا ڦريا آهن جيڪي کيس واپس ڪرڻ جو چيو آهي.