همايون شريف: ڪڻڪ جي ديري کي باهه، سڙي رک

0
353

همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ۾ پورهيت وزير پنهور ۽ اسرار سرڪي جي ڪڻڪ جي فصل کي اوچتو باهه لڳڻ سبب زمين ۾ رکيل 20 جريبن جي ڪڻڪ، بُهه، پلال سڙي رک ٿي ويو، قومي شاهراهه روڊ تي دعا هوٽل سامهون پورهيت وزير پنهور ۽ اسرار سرڪي جي ڪڻڪ جي فصل کي اوچتو باهه لڳي، هوا تيز هئڻ سبب پورهيت اسرار سرڪي جي زمين ۾ بيٺل ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي، جڏهن ته پورهيت وزير پنهور جي ڪڻڪ جي ديري کي باهه لڳڻ سبب 20 جريب ڪڻڪ جو ديرو، بُهه ۽ 20 جريب پلال جو ديرو سڙي رک ٿي ويو، علائقي واسين پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون پر هوا تيز هئڻ سبب هارين جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو.