دادو: ام رباب چانڊيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته  اعليٰ عدليه جي ڏنلفيصلي باوجود سردار احمد چانڊيو ۽ برهان چانڊيو ساڳئي ڊلي پريڪٽس اختيار ڪندي سندن وڪيل عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، اسان کي اڳ ئي خبر هئي ته 4 سالن کان ڪيس کان ڀڄندڙ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو ٻيهر ڪو ڊرامو پيش ڪندا ۽ عدالت کي ٻڌايو ويو ته سندن وڪيل ميهڙ پهتو آهي، عدالت هڪ ڪلاڪ ٻڌڻي ملتوي جنهن جي باوجود سندن وڪيل تيار ڪيل پلان تحت عدالت نه پهتو ، پر سردار چانڊيو وارا ڪنهن خوشفهمي ۾ نه رهن اعليٰ عدليه جي فيصلي تحت 3 مهينن ۾ ڪيس فائينل ڪرڻو آهي  ۽ اسان کين ڦاهي جي ڦنڌي تائين پهچائينداسين، هن چيو ته  اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر اسان ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا ناهيون،