دادو: ٻئي طرف سردار احمد چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جا نالا ڪيس ۾ ان ڪري ڏنا ته جئين هي ڪورٽ جي سائي ۾ ويهي منشيات جو ڌنڌو هلائي سگهن ، ام رباب جو پيءُ ۽ ڏاڏو منشيات فروش هئا، سندن خلاف ڪيترائي منشيات جا ڪيس داخل ٿيل آهن، اهي اسان ته ناهن ڪيا ، ڦرن ، ڌاڙن جي ڪيسن ۾ به ملوث رهيا آهن، اسان سروخرو آهيون ۽ رهنداسين.