ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته مونکي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو عمران خان جو ناهي، کيس ٻانهن جي نانگن غلط ٻڌايو، ٻن خاص غيرسياسي شخصيتن ۽ 3 نانگن تحريڪ انصاف ۽ ادارن کي نقصان پهچايو. تحريڪ انصاف پاران پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ بعد هڪ انٽرويو ۾ فيصل واوڊا چيو ته مونکي خبر ناهي ته پارٽي ڊسيپلين جي ڪهڙي ڀڃڪڙي ڪئي؟ مون اهو نه چيو هو ته لانگ مارچ ۾ اسان تشدد ڪنداسين، لانگ مارچ ۾ تشدد دشمن به ڪري سگهي ٿو، ڪو ٻيو به ڪري سگهي ٿو، اهو ناهي ڏيو ته عمران خان پرامن احتجاج تي گوليون هلائيندو، اڃا ته مون ڪجهه ڳالهايو ئي ناهي. عمران خان پاڻ چوي ٿو ته اسان رڍون ٻڪريون ناهيون ته آئون به رڍ ٻڪري ناهيان، عمران سان ڏکئي وقت ۾ گڏ رهيو آهيان، اڄ به عمران خان کي پنهنجو ليڊر سمجهان ٿو، ان جواب گهريو ته ڏينداسين، پي ڊي ايم جو حصو بڻجڻ نه پيو وڃان. هن چيو ته مونکي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو عمران خان جو ناهي، کيس نانگن ۽ ڪيڙن غلط ٻڌايو ته مون اسٽيبلشمينٽ جي فرمائش تي پريس ڪانفرنس ڪئي، انڌو ناهيان، چئني طرفن کان ڏسي رهيو آهيان ته ڇا ٿي رهيو آهي، پارٽي اندر نانگن بابت ڳالهائيندو رهندو آهيان، انهن نانگن عهدا وٺي پيسا ٺاهيا، جن وٽ کائڻ لاءِ به پيسا نه هوندا هئا، ٻن غيرسياسي شخصيتن ۽ 3 نانگن تحريڪ انصاف ۽ ادارن کي نقصان پهچايو، 3 نانگ ٻن خاص شخصيتن سان مليل آهن، عمران خان کي ٻن خاص شخصيتن ۽ 3 نانگن جا نالا به ٻڌايا، جنهن تي هن چيو ته مونکي خبر آهي، فيصل واوڊا چيو ته ارشد شريف جو قتل وڏي سازش آهي، سوچيل سمجهيل قتل آهي، ڇا اهو ٻڌائي غلطي ڪئي، ارشد شريف بهادر صحافي هو. هڪ سوال تي فيصل واوڊا چيو ته عمران خان چيو هو ته نوازشريف ادارن جي تذليل ڪندو آهي، اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏيڻو آهي، آئون جڏهن اسٽيبلمشينٽ سان مليس ته عمران خان کي خبر هئي، عمران خان کي ڪوبه دوکو ناهي ڏنو، پارٽي ۾ به ٽن چئن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، گهڻن ماڻهن سان  رابطو به ناهي رهيو، جيترو به ڪم ڪيو، عمران خان کي ئي رپورٽ ڪيو. هن چيو ته عمران خان ته جنرل سرفراز جي گهڻي تعريف ڪندو هو، سندس شهادت بعد ڪنهن چيو ته منفي مهم هلايو، ان جو جواب به آئون ڏيندس، ڪجهه ماڻهو عمران خان کي نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا، ان سان مونکي ته ڪو فائدو نه ٿيندو، پيسن جي مونکي لالچ ناهي، پي ڊي ايم ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ نه وري ڪنهن آڇ ڪئي آهي، آئون ته اسيمبلي ميمبرشپ تان به نااهل ٿي چڪو آهيان.