جوابدارن سان ٺاهه بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهه بي بنياد آهن: فاطمه ڦرڙو جا والدين

0
45

خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، گرفتار جوابدار پير اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي عدالت آڏو پيش ٿيا

 جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران فاطمه ڦرڙو جا والدين پيش ٿيا

 فاطمه ڦرڙو جي والدين چيو ته جوابدارن سان ٺاهه بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهه بي بنياد آهن، جوابدارن سان ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، انصاف ملڻ تائين خاموش نه ويهنداسين