تنگواڻي مان سئي گئس وال جا 2 چوڪيدار اغوا، ڌرڻو

0
37
تنگواڻي مان سئي گئس وال جا 2 چوڪيدار اغوا، ڌرڻو
تنگواڻي مان سئي گئس وال جا 2 چوڪيدار اغوا، ڌرڻو

تنگواڻي  مان سئي گئس وال جا 2 چوڪيدار اغوا، علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو، ٺل_تنگواڻي روڊ تان حمز علي ۽ منير گجراڻي اغوا ٿي ويا

موبائيل فون بند ٿيڻ بعد وارثن وال تي پهچي ڏٺو ته چوڪيدار موجود نه هئا، وارثن موجب ٻنهي کي اغوا ڪيو ويو آهي

علائقي کي ڪڙو چاڙهي مغوين جا پيرا کنيا ويا، ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

ٻئي پاسي تنگواڻي ۾ ٻن چوڪيدارن جي اغوا خلاف ٺل ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ بند

تنگواڻي ۾ گئس وال جي ٻن چوڪيدارن  جي اغوا خلاف ٺل ڪنڌڪوٽ  انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون

سوڪڙ اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافرن کي پريشاني ٿيڻ لڳي

مظاهرين موجب گذريل رات ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد مان حمز علي گجراڻي ۽ منير گجراڻي اغوا ٿي ويا، پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي قدم  ناهن کنيا، نوٽيس وٺي کين بازياب ڪرايو وڃي

هي به پڙهندا

ڪڪڙ ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل