وزيراعظم شهباز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جوڙي ڇڏي

0
48

وزيراعظم شهباز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جوڙي ڇڏي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير کي به سي سي آءِ ۾ شامل ڪيو ويو

ناڻي وارو وزير سي سي آءِ جو ميمبر نه هوندو، وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کانپوءِ سي سي آءِ جي جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

سي سي آءِ جو چيئرمين وزيراعظم شهباز شريف هوندو، چارئي وڏا وزير ميمبر طور سي سي آءِ ۾ شامل آهن

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ميمبر طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويو، دفاع وارو وزير خواجا محمد آصف ۽ سيفران جو وزير انجنيئر امير مقام به ميمبر طور سي سي آءِ ۾ شامل آهن

 نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل 21 مارچ 2024 کان وجود ۾ اچي وئي آهي