ڪڪڙ ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل

0
51
ڪڪڙ ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
ڪڪڙ ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل

ڪڪڙ (رپورٽ: امير حسن ملاح) ڪڪڙ ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪيو ويو، ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ فقير محمد برهماڻي ۾ جوابدار ڀيڻ ۽ هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

جوابدار مير برهماڻي 16ورهين جي ڀيڻ هيران کي گهر اندر گوليون  هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار ڀيڻ کي قتل ڪرڻ بعد  انڊس هاءِ وي تي دڪان تي ويٺل آصف برهماڻي تي به فائرنگ ڪري ڏني

فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان آصف برهماڻي دادو نيئندي رستي ۾ دم ڏنو، محبوب عباسي کي اسپتال داخل ڪيو ويو، ڪڪڙ پوليس ناري جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ تعلقي اسپتال  منتقل ڪري ڇڏيو

علائقي واسين موجب جوابدار پنهنجي ڀيڻ هيران ۽ آصف برهماڻي کي ڪارنهن جو الزام هڻي  قتل ڪيو

مقتول جي ڀاءُ عباس برهماڻي موجب ڪارنهن جو معاملو ناهي، حسين ۽  حاڪم برهماڻي وارن سان زمين تي تڪرار  هلندڙ آهي