وزيراعظم شهباز شريف کي آمريڪي صدر جو بائيڊن جو خط، سهڪار جي خاطري

0
41
وزيراعظم شهباز شريف کي آمريڪي صدر جو بائيڊن جو خط، سهڪار جي خاطري
وزيراعظم شهباز شريف کي آمريڪي صدر جو بائيڊن جو خط، سهڪار جي خاطري

آمريڪي صدر جو بائيڊن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ جو بائيڊن چيو آهي ته دنيا ۽ خطي کي پيش آيل اهم ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا پاڪستان سان گڏ هوندو

آمريڪي صدر خط ۾ چيو ته پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهيون، معاشي ترقي، ۽ سڀني لاءِ تعليم گڏيل سوچ آهي، اُن کي گڏجي هٿي وٺرائينداسين، ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ ڀائيواري کي سگهارو بڻايو ويندو، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪنهن آمريڪي صدر پاران پاڪستاني وزيراعظم کي پهريون سفارتي خط لکيو ويو

آمريڪي خط کي پاڪ- آمريڪا سفارتي لاڳپن ۾ بهتري جو اشارو قرار ڏنو پيو وڃي، سائفر ۽ پي ٽي آءِ باني جي الزامن سبب ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا پيدا ٿيا هئا