گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان ناڻي جو وزير آئوٽ، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير ميمبر مقرر

0
39
گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان ناڻي جو وزير آئوٽ، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير ميمبر مقرر
گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان ناڻي جو وزير آئوٽ، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير ميمبر مقرر

گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان ناڻي جو وزير آئوٽ، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير سي سي آءِ جو ميمبر مقرر ٿي ويو آهي

وزيراعظم جي ايڊوائيس تي صدر سي سي آءِ جي جوڙجڪ ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف 8 رُڪني ڪائونسل جو چيئرمين مقرر، چئني وڏن وزيرن سوڌو پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ جو وزير خواجه آصف ۽ بين الصوبائي رابطن جو وزير امير مقام ميمبر هوندا

گذريل هفتي وزيراعظم اي سي سي مان ناڻي وزير کي ٻاهر رکيو ۽ پاڻ سربراهه ٿيو، تنقيد بعد وزيراعظم فيصلو تبديل ڪندي ناڻي جي وزير کي ٻيهر سربراهي ڏني

بزنس ڪميونٽي پاران اسحاق ڊار کي نجڪاري ڪميٽي جو سربراهه ڪرڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي

خواهش آهي ته هلندڙ سال آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام تي معاهدو ٿي وڃي: محمد اورنگزيب

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته خواهش آهي ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدو ٿي وڃي

ناڻي جي وفاقي وزير اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خطاب ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهيون پڻ ڪيون

محمد اورنگزيب چيو آهي ته نئين آءِ ايم ايف پروگرام جي ڍانچي تي ڳالهين لاءِ آءِ ايم ايف اختيارين سان 14 ۽ 15 اپريل تي واشنگٽن ۾ ملاقات ٿيندي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه، رڳو پاليسي فريم ورڪ ڏيڻ آهي

هن چيو ته نجي شعبي کي ليڊ ڪرڻو هوندو، پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ تي سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، اُن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو

 سبسڊي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ڪاروبار هاڻي نه هلي سگهندا، انفرا اسٽرڪچر منصوبا رڳو وفاقي ترقياتي بجيٽ بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ وسيلي مڪمل ڪيا ويندا

سي پيڪ جو پهريون مرحلو انفرا اسٽرڪچر جي اڏاوت هو، ٻئين مرحلي ۾ انفرا اسٽرڪچر مان آمدني حاصل ڪرڻي آهي