جهيڙيندڙ ڌريون ڪنهن جي ايجنڊا جي تڪميل ڪري رهيون آهن؟

0
32
سنڌ جي ‘منترين’ ۽ ‘سنترين’ وٽ آهي ڪو بدامنيءَ جو علاج؟!....

هن جديد دور ۾ دنيا فضائن ۽ خلائن کي فتح ڪندي گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي پر سنڌ اڄ به عرب جي دور جاهليت ۾ زنده آهي. جيئن ان دور جي عرب سر زمين تي قبيلائي تڪرار پيڙهين تائين پيا هلندا هئا، سنڌ ۾ هن وقت به اها صورتحال آهي. هتي قبيلائي تڪرارن ۾ هيستائين هزارين ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، هزارين زخمي ٿي صحت ۽ سگهائي وڃائي چڪا آهن، ويڙها ويران آهن، زمينون غير آباد آهن، اسڪول ۽ اسپتالون بند آهن ۽ جهيڙيندڙ ڌرين وارا علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن. هتي رياستي قانون جو پاڇو به نظر نٿو اچي. جڏهن ڌريون جهيڙي ٿڪنديون آهن ته ڪجهه وقت لاءِ ٺاپر اچي ويندي آهي ۽ پوءِ وري نئين توانائي، نئين هُشي ۽ نون هٿيارن سان خوني راند شروع ٿي ويندي آهي. ٻه ڏينهن اڳ ساوند- سندراڻي ۽ شر- بڊاڻي ڌرين ۾ قبيلائي تڪرار تان ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. غوثپور انڊس هاءِ وي تي ساوند- سندراڻي تڪرار تان ٽيڪسي ڊرائيور قتل ٿي ويو آهي. موٽرسائيڪل سوارن فائرنگ ڪري ڊرائيور مظهر سندراڻي کي ماري ڇڏيو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن جهيڙيندڙ ڌرين سان ڪو واسطو نه آهي. ساڳئي ڏينهن چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏو بڊاڻي ۾ شر- بڊاڻي خوني تڪرار تان حافظ مهر الله بڊاڻي مارجي ويو آهي. شر ڌر جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان جو ان قتل سان واسطو نه آهي.

سنڌ کي بدترين گورننس ڏانهن بي امنيءَ جي تحت الثريٰ ۾ اڇلايو ويو آهي. هڪ طرف ڌاڙيلن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف برادري تڪرارن سنڌ جي قومي ايڪي ۽ معيشت کي يرغمال بڻائي ورتو آهي. ڳرن هٿيارن سان خوني راند جاري آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ غربت ايتري آهي جو ماڻهو پنهنجن ٻچن کي ٻه ويلا ماني نٿا کارائي سگهن، انهن وٽ خطرناڪ جديد هٿيار ڪٿان ٿا اچن! سنڌي سماج کي ڀوتارڪي آڪٽوپس جڪڙي ۽ يرغمال بڻائي ورتو آهي. اهي ڀوتار هُشي ۽ هٿيارن سان جهيڙن کي آڪسيجن مهيا ڪري رهيا آهن. جيڪي پاڻ کي قبيلائي سردار ٿا سڏرائين، انهن جي اڪثريت اليڪٽيبلز تي مشتمل آهي يا وري اهي اليڪٽيبلز جا سهولتڪار آهن. اهي پنهنجو ووٽ بينڪ قائم رکڻ لاءِ جهيڙن کي ٻارڻ فراهم ڪن ٿا. پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن کي پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ووٽ بينڪ قائم رکڻ لاءِ اهي جهيڙا انهن جي ضرورت بڻيل آهن. پنهنجي برادريءَ کي پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ انهن ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪن ٿا. ماڻهو ماريندڙن کي ڪابه ڌر رياستي قانون جي حوالي نٿي ڪري. اهي جرڳائي سردار انهن جهيڙن جا جرڳا ڪن ٿا، خون خونن ۾ پاڙيا وڃن ٿا. ڏوهه انهن ڀوتارن جي معيشت بڻيل آهي. انهن تائين پهچڻ ۾ رياستي قانون جا پر ٿا سڙن. جهيڙيندڙ ڌرين وارن علائقن ۾ جيئن ته اسڪول ۽ اسپتالون بند آهن، زمينون غير آباد آهن، جنهن جي ڪري تعليم نه هجڻ سبب نسل جاهل پيدا ٿي رهيا آهن، اسپتالون بند هجڻ جي ڪري ماڻهو بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، زمينون غير آباد هجڻ جي ڪري معاشي تباهي آئي آهي. سوال اهو آهي ته آخر اهي ڌريون ڪنهن جي ايجنڊا جي تڪميل ڪري رهيون آهن؟

سنڌ ۾ جيڪي خوني تڪرار هلندا اچن، انهن جو پراسرار پاسو پڻ آهي، جنهن تي گهٽ سوچيو وڃي ٿو. جڏهن به ڪنهن ڌر جا ماڻهو قتل ٿين ٿا ته ٻي ڌر ان واردات کان انڪاري هوندي آهي، جيئن ساوند- سندراڻي ۽ شر- بڊاڻي تازن جهيڙن ۾ ٿيو آهي. اڃان ڪنهن تڪرار ۾ مس ماٺار اچي ٿي ته وري ٻي ڌر جا ماڻهو مارجي وڃن ٿا ۽ جهيڙو نئين سر شروع ٿي ويندو آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ معزز ماڻهن جو منٿ ميڙ قافلو ساوند- سندراڻي ڌرين وٽ ويو ته اهي سرچاءُ ڪن ۽ جهيڙا ختم ڪن. ٻنهي ڌرين منٿ ميڙ قافلي جي معززين کي سٺي موٽ ڏني ۽ انهن سرچاءُ لاءِ راضپو ڏيکاريو پر ٻه ٽي ڏينهن ئي نه گذريا هئا ته سندراڻي ڌر جو ٽيڪسي ڊرائيور مظهر سندراڻي موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. انهن جهيڙن ۾ اهڙا ماڻهو قتل پيا ٿين، جن جو گهڻو ڪري جهيڙن سان ڪو واسطو ئي نه هوندو آهي. ان ڪري جهيڙن ۾ ان پُراسراريت واري پاسي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڇا جهيڙن ۾ سنڌ جي بدخواهه قوتن جي فتور جي فيڪٽرين ۾ تيار ٿيل مقامي پراڊڪٽ پيو استعمال ٿئي يا ڪو لڪل هٿ آهي؟

سنڌ ۾ خوني تڪرار ختم ڪرائڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته جهيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار ڪيو وڃي. سنڌ ۾ هٿيارن جي پهچ ۽ رسائي جا رستا بند ڪيا وڃن. جهيڙن کي هُشي ۽ بَڇ جي آڪسيجن مهيا ڪندڙ ڀوتارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. خوني تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ چونڊيل نمائندن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جهيڙن ڀڙڪڻ جي پُراسرار رخ تي پڻ سوچڻ جي ضرورت آهي. خوني جهيڙن سان سنڌ جو قومي ايڪو متاثر ٿي رهيو آهي، ان ڪري سنڌ جي سياسي ڌرين کي به انهن جهيڙن جي خاتمي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي.