شوپين جو نغمو وڄي ٿو پيو! … پولينڊ: گئس چئمبرن ۽ ڪنسنٽريشن ڪئمپن جو سئر

0
106
شوپين جو نغمو وڄي ٿو پيو! ... پولينڊ: گئس چئمبرن ۽ ڪنسنٽريشن ڪئمپن جو سئر

 اهو وچ مارچ جي ڪچڙي منجهند جو مان ايئر بيلجيم جي اڏام ۾ نيويارڪ کان ساڍا ست ڪلاڪ جو سفر ڪري پولينڊ جي راڄڌاني وارسا جي شوپين ايئرپورٽ تي پهتو هوس. اهو ايئرپورٽ پولينڊ جي مهان موسيقار، پيانو نواز فريڊرڪ فرانسسڪو شوپين جي نالي تي آهي. پهريون ڀيرو شوپين جو نالو مون فيض احمد فيض جي هن بابت  نظم “شوپين ڪا نغمه بجتا هي” پڙهي ڄاتو هو، راڄڌاني ڪيڏو نه سهڻو لفظ آهي بنسبت گاديءَ واري شهر جي. گاديءَ وارو شهر ڄڻ ته ڪنهن پير جي گادي هجي. هونئن به ايئرپورٽ مونکي ڪنهن وڏي  پير جي درگاه کان گهٽ نه لڳندا آهن، جتي اوهانکي جوتا وغيره  لاهڻا پون ٿا، ڇو ته ڀائرن دنيا سان ڪئي اهڙي آهي. خير.

                 پولينڊ وارسا ايئرپورٽ جا باٿ روم، جيڪي هاڻ هر هنڌ گهڻو ڪري  ريسٽ روم ئي سڏجن، ڏسي سوچيو ته شايد اڃان وارسا ايئرپورٽ تي  ڪميونزم وارا حال اٿن. “ڪنهن به ملڪ يا قوم جي نفسيات انهن جي باٿ رومن جي حالت  ڏسي سمجهي وڃبو آهي.” ڪئين سال اڳ ڪراچي جي سياحت تي ايندڙ ڪنهن سياح فلورنس نوبيل پنهنجي سفرنامي  ۾ لکيو هو.

اميگريشن واري لائين ۾ بيٺي، جتي منهنجي اڳيان ٻه ديسي نوجوان به بيٺل هئا، جن مان هڪ ٻئي کي پئي ٻڌايو ته هن کي هتان کان روم اٽلي وڃڻو آهي. ايتري ۾ مان پنهنجو پاسپورٽ کڻي شيشي واري ڪئبن ۾ ويٺل آفيسر جي آڏو رکيو.

“دوري جو مقصد؟” هن پڇيو.

“مان هڪ ليکڪ آهيان ۽ هتي ….” اڃان مان پنهنجو جملو پورو ڪريان، ان کان اڳ هو منهنجي پاسپورٽ تي انٽري جو ٺپو هڻي چڪو هو. مان پولينڊ جي وارسا شهر ۾ داخل ٿي چڪو هوس. سڄي رات جو اوجاڳو، نئون ملڪ ۽ شهر ڏسڻ جي اتساه ۽ تجسس سان گڏو گڏ. تجسس جيڪو هڪ نئين محبوب يا دوست سان واقفيت ٿيڻ تي ٿيندو آهي، مونکي نئين شهر بابت اهڙو ٿئي.

وارسا شهر مٿان مينهن وسي رهيو هو. مان ٽئڪسيءَ ۾ هوٽل پهچي چڪو هوس. “ليلي ڪباب” رستي تي هڪ دڪان جو بورڊ پڙهيو. هوٽل جي ڪمري ۾ مهنجي ليکي بجلي نه هئي. بجلي جا بٽڻ هيٺ مٿي ڪيم، بجلي غائب. اڌ زندگي رڳو ڪئين اهڙيون ٽيڪنيڪل شيون نه اچڻ ۾ گذري ويئي. يعني اهي ڪم جيڪو ڪير به ڪري سگهي ٿو پر مان نه، پر اسين ٿياسين “همن هين عشق مستانه، همن ڪو هوشياري ڪيا”.

مون روم سروس کي فون ڪيو. رسيپشنسٽ چيو ته روم جي ڪارڊ واري چاٻي الائجي ڪنهن ۾ وجهندا ته بجلي هلي پوندي. مون ڪوشش ڪئي پر اهي انگريزن جون هوشياريون ۽ ايجادون پاڻ کان زور هيون، سو هوٽل واري مائيءَ هڪڙو ڀائي موڪليو، هن اچي رڳو منهنجي ڪمري جي چاٻيءَ وارو ڪارڊ جو دروازي جي ڀر واري ساڪيٽ ۾ اچي وڌو ته ٺڪ سان بجلي چالو. ڪارڊ ٻاهر بجلي بند.  منهنجو دوست ۽ گرو سيف ٻنوي چوندو هو، انگريز کان رڳو ويو آهي ساه. هي ته انگريز نه پر پولش هئا.

جي اوهان اوڻويهه سئو ستر کان اخبار پڙهندڙ آهيو ته پولينڊ اوهان کي ڪراچي ايئر پورٽ تي پولينڊ جي نائب وزير اعظم جي قتل جي حوالي سان ياد هوندو. جي اوڻويهه سئو اسي ۾ اخبار پڙهندڙ آهيو ته پولينڊ اوهان کي اتان جي انهن ڏينهن جي ٽريڊ يونين اڳواڻ ساليڊرٽي جي ليچ واليسا جي حوالي سان  ياد ايندو. پر پولينڊ جا ڪئين حوالا ۽ استعارا آهن. ان ۾ هڪ اهو به آهي جيڪو مون يهودين بابت چيو هو پر پولينڊ جي وارسا شهر بابت اڳ ۾ ڪو چئي چڪو هو (ماڻهو  هڪجهڙو سوچين ٿا) ته وارسا  ڏندڪٿائي فينڪس يا ققنس پکي وانگر آهي، جيڪو پنهنجي آخري گيت سان ڀسم ٿي وري سندي رک مان ڦڙڪو کائي اڏامندو آهي.

وارسا بلڪل ائين پنهنجي رک مان وري ٺهيو…

مان وارسا ۾ انهيءَ مينهوڳيءَ واري منجهند سندي هوٽل جي ڪمري ۾ گهري ننڊ ۾ هوس، سڄي رات جي سفر جو اوجاڳيل- ته فون جي گهنٽي وڳي. منهنجو ميزبان ياشويا هو، پڇيائين پئي ته ڪهڙي ڪمري ۾ آهين. اسين پراڻي شهر وارسا وڃون پيا، جي هلڻ چاهين ته هلي سگهين ٿو. اسان معنيٰ ڪيئن؟ هو يروشلم کان يشايا، جرمني بون کان شاعر عاطف توقير ۽ پئرس کان صحافي يونس خان دروازي تي هئا. اسان وسندي مينهن ۾ سالم وين ڪري وارسا پراڻي شهر ڏانهن هلي پياسين. اهو مون لاءِ پهريون ڀيرو هو جڏهن مان ڪو يهودي، سو به اسرائيل جو شهري ايترو ويجهي کان پنهنجي پاسي ۾ ويٺل ڏسي رهيو هوس. هن سان ڳالهائي رهيو هوس. حالانڪ مان نيويارڪ شهر  ۾ رهان ٿو. جتي اسرائيل کان وڌيڪ يهودي اسرائيل جي قائم ٿيڻ کان به گهڻو گھڻو اڳ نيويارڪ ۾ رهن ٿا. نه فقط اهو پر منهنجي گهر جي ڪمري جي هڪڙي دري يهودين جي قديم عبادتگاه يعني سائناگاگ ڏانهن کلي ٿي ته بيڊ روم جي دري ان جي ربائي جي گهر ڏانهن. مان نيويارڪ جي يهودي پاڙن کان گهڻو پري نٿو رهان. انهن مان هڪڙي پاڙي فاريسٽ هل جي روسي يهودين توڻي مسلمانن جي دڪانن تان خريداري به ڪريان. ساڳئي پاڙي ۾ مسلمانن جي دڪان جو نالو تاشقند، يهودي مالڪي واري ريسٽورنٽ جو نالو يروشلم.

سو وارسا شهر يهودي گهڻائي وارو شهر هو، جتي يهودي هڪ هزار سالن کان رهندا اچن. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ هٽلر هن شهر تي قبضو ڪيو. هن جي نازي فوج پراڻي وارسا سميت سمورو شهر هڪڙي کنڊر ۾ تبديل ڪيو. ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ وارسا شهر توڻي پراڻي وارسا کي نئين سر اڏيو ويو پر ائين جو پراڻي شهر جي کنڊرن ۽ ملبي واريون سرون پڻ نئين اڏاوت ۾ استعمال ڪيون. تيرهين چوڏهين صديءَ ۾ آباد ٿيندڙ اهو شهر، پراڻو وارسا، جنهن ۾ اڳوڻي پولش بادشاه جو محلات، هاڻوڪو صدارتي محل، هتي به شاهي قلعو آهي. حيدرآباد جي اوج واري زماني ۾ اسانجي حيدرآباد جو قلعو به ايئن هوندو. اوچي ڳاٽ پاڻ کي پري کان پسائيندو هو. هي شهر واقعي پراڻو آهي پر اڄ به نئون نڪور لڳي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن جي سر سر سان نه ملي ته اهو هي شهر وارسا هو، جيڪو وري پنهنجن کنڊرن مان اٿي جڙيو. هتان جي وڏي چوڪ يا اسڪوائر تي وسندي برسات پهتاسون پر ڏسڻ گهمڻ وٽان آهي. هڪ ڊگهي گهٽيءَ ۾ بازار، جنهن کي ريئانيڪ اسٽيئر گو مائستا سڏين. اها واقعي پرين جي ڀاڪرن جهڙي گهٽي آهي. پراڻي وارسا ۾ سينٽ جان آرڪ ڪيٿڊرل چرچ ۽ ان هيٺان ٿورڙي پنڌ تي وسولا درياءُ ٿو وهي. پولينڊ جو سنڌو!

منهنجي سوئي پولينڊ ۾ ليخ واليسا تي اٽڪي پيئي آهي. منهنجي ٽهي اسي واري ڏهاڪي ۾ پوليند جي هن پورهيت اڳواڻ جنهن جي پارٽي ساليڊرٽي هئي، تن جي جدوجهد کان ڏاڍي متاثر هوندي هئي. انهن ڏينهن ٻاهرين دنيا ۾ ٻه اڳواڻ هئا. هڪڙي پاسي پولينڊ کان ليخ واليسا هو، ٻئي پاسي ڏکڻ آفريقا ۾ نيلسن مانڊيلا. هن کي امن جو نوبيل انعام به مليو هو. انهن ڏينهن مونکي منهنجا گهر وارا چوندا هئا ته منهنجون مُڇون ليخ واليسا جي مُڇن جهڙيون آهن. ليخ واليسا ڪميونسٽ راڄ خلاف ارڙنهن لک ماڻهو رستن تي آندا هئا. مون وارسا جي ان پهرين رات منهنجي هوٽل ۾ پولينڊ جي اڄوڪي سياست توڻي يورپي يونين ۾ سرگرم سياسي ماهر جيڪڪ پورسڪي کان پڇيو. جيڪڪ پورسڪي هڪ اداري آئي بي ايس جو سربراه پڻ آهي، جيڪو اسان سان جديد دور جي انتهاپسندي ۽ يورپ ۾ ريڊيڪلائيزيشن کي بند ٻڌڻ بابت ڪچهري ڪرڻ آيو هو. هن چيو، “اهو ڏاڍو سٺو سوال آهي”. ليخ واليسا جو پولينڊ ۾ تبديلين  توڻي ڪميونسٽ راڄ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار هو. پر بنيادي طور هو هڪ اليڪٽريشن هو، سو گهڻو پري نه وڃي سگهيو”.

ليخ واليسا اڃان ڪيترو پري وڃي ها. “هي ڏس هي آهي ليخ واليسا، جنهن لاءِ رات تو سوال ڪيو هو”. پولن ميوزيم آف هسٽري آف پولش جيوز ۾ ليخ واليسا جو پورٽريٽ ڏيکاريندي  اسانجي گائيڊ لز مونکي چيو. لز جو تعلق به اسرائيلي شهر حيفه سان آهي. هن جو پنهنجو سئوٽ نالي ڪوهين، جنهن جي ڄمار ستر ورهين کان مٿي آهي، انهن ٻه سئو يرغمالين ۾ شامل آهي، جن کي ست آڪٽوبر تي حماس اسرائيل تي حملي کانپوءِ کڻي وئي آهي. اهي يرغمالي اڃا تائين واپس نه ٿيا آهن. انهن ۾ مرد عورتون ٻار ٻڍا شامل آهن. لز يا الزبيٿ اسانجي پولينڊ ۽ پولينڊ ۾ هولوڪاسٽ واري ڪوس گهرن ٽريبلنڪا ۽ آشوٽز جي سفر جي گائيڊ هئي. لز جا پنهنجا ڏاڏاڻا پولينڊ جي هولوڪاسٽ ۾ قتل ٿي ويا هئا. پر پوءِ به هوءَ شانت هئي ۽ ماڻهپي ۾ يقين رکندڙ هئي. هن جو پنهنجو پٽ پڻ محاذ تي ويل آهي.

وارسا شهر کان ٻاونجاه ميل پري ساون ميدانن ۽ ڊگهن ڊگهن وڻن هيٺان قتل گاه آهن ٽريبلنڪا جا. جتي وارسا پولينڊ جا ۽ ٻين هنڌن جا. وارسا ۾ گهيٽو ۾ گڏ ڪيل يهودين کي ڊيپورٽ ڪري ريلن ۽ لارين ۾ سٿي هتي آندو ويندو هو

ٽريبلينڪا جي ڌرتي ڏاڍي نرم آهي، جو هتي انچ انچ تي انساني هڏيون پوريل آهن. گاه ڦٽل آهي پر رت سان سيراب ٿيل اڃان به لڳي ٿو. پري پري نيڻ نهار تائين اجتماعي قبرون آهن، گمنام ، نيشان ۽ بي نيشان قبرون آهن. پٿر آهن يادگاري. اسان هتي نظم پڙهيا قتل ٿي ويلن جا فوٽو هٿن ۾ کڻي، مون اجتماعي قبرن تي پنهنجي نظم “لاپتا ماڻهن جو گيت” جون ڪجهه سٽون پڙهيون. مون اتي شيخ اياز جا نازين جي ڊپ کان روپوش يهودي نينگري ايني فرينڪ تي لکيل بيت پڙهيا انگريزي ترجمي سان.

هاء يهودي ڌيءَ هي تنهنجي آتم ڪٿا!

ايني فرئنڪ جي نازين کان روپوشي يا لڪل هجڻ وارن ڏينهن ۾ لکيل جڳ مشهور ڊائري ڪيترائي ڀيرا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي آهي. پاڻ ڪيترن ئي اها پڙهي آهي. اوهان مان گهڻن انگريزي فلم “شنڊلرس لسٽ” ته ڏٺي هوندي. اها لڱ ڪانڊاريندڙ فلم جيڪا هولوڪاسٽ تي ٺهيل آهي. مون هتي انهيءَ هولوڪاسٽ جو سڀ کان وڏو ڪوس گهر آشوٽز پڻ گهمي ڏٺو. هتي گئس چئمبرس، هتي ڪنسينٽريشن ڪيمپ هئا، جتي يهودين کي ٽرينن ۾ ڀري آڻي گئس چئمبر جي سزا ڏيندا هئا. “ويهن منٽن ۾ ويهه هزار ماڻهو گئس چئمبرس ۾ ماريا ويا.” اسانجي گائيڊ اگاٿا ٻڌائي رهي هئي. گئس چئمبرس ڏانهن ٻارڙن کي سندن پيئرن تيار ڪري پئي موڪليو. آشوٽز ميوزيم ۾ هزارين ٻارڙن جا جوتا، وڏن جا هزارين سوٽ ڪيس به رکيل هئا. حيرت اها آهي ته لڳ ڀڳ ويهين صديءَ جي انهن سالن ۽ ڏهاڪي ۾ جڏهن نازين يورپ ۾ پولينڊ ۽ ٻين هنڌن تي آشوٽز سميت يهودين سان واڙيل گئس چئمبرس ۽ ڪنسينٽريشن ڪئمپ پئي هلايا ته انگريزن يا برطانوي حڪمرانن حرن سان واڙيل لوڙها هلايا هئا. دنيا اهڙو ڪڇي جهڙو ڀت…!