جھول(ن پ ا) ويجھو فقير آباد ۾ سردار اجمل داس ڀيل جي ميزباني ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو. جڏھن ته ٽورنامينٽ جي فائينل  الفقراءِ مهر اسٽار ۽ بقا ڏاھري اسٽار جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو. ٻنھي ٽيمن جو اسڪور برابر ھئڻ ڪري ٽاس ڪيو ويو جيڪو الفقراء مھراسٽار کٽي ٽورنامنٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل کٽندڙ ونر ٽيم کي پاڪستان پيپلز پارٽي مينارٽي ونگ ضلعي سانگهڙ جي اڳواڻ هندو پنچائت سانگھڙ  جي صدر راجيش ڪمار هرداساڻي، پ پ پ اڳواڻ راڻا انور راجپوت روڪ 15000 ۽ رنر ٽيم کي 10000 روڪ  انعام ڏنا. هي ٽورنامنٽ  ٽن ٽن اوورن  تي مشتمل هئي فائنل کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان اجمل داس ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان موهن داس کي ٽرافيون پڻ ڏنيون ويون.