ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪ-افغان ٽي 20 سيريز لاءِ محمد يوسف کي عبوري ڪوچ جون ذميواريون ڏيڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ٽيم ۽ سپورٽ اسٽاف جو باقاعده اعلان پي سي بي جي مينجمينٽ ڪميٽي جو سربراهه نجم سيٽي جي منظوري سان ايندڙ هفتي ٿيندو. اڳوڻي پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي دور ۾ ثقلين مشتاق سان گڏ محمد يوسف بيٽنگ ڪوچ جون ذميواريون سنڀاليون هيون پر پرڏيهي ڪوچ مڪي آرٿر سان معاملا اڃا تائين طئي نه ٿي سگهيون آهن جنهن سبب پي سي بي کي افغانستان خلاف سيريز لاءِ ٽيم ۽ اسپورٽ اسٽاف جو اعلان ڪرڻ باقي آهي. پي سي بي طرفان وقتي طور ملڪي ڪوچز سان گڏ ئي ملڪي اسپورٽ اسٽاف جو اعلان ڪرڻ باقي آهي. پي سي بي طرفان وقتي طور تي ملڪي ڪوچز سان گڏ ئي ملڪي اسپورٽ اسٽاف سان گڏ ئي ڪم هلائڻ جو امڪان آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽن ٽي 20 ميچز جي سيريز 26 مارچ کان شارجه ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ قومي ٽيم 30 مارچ تي رواني ٿيندي.