جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو ٻيون ۽ آخري)

اُستاد يوسف ڪچهريءَ تي آيو، هُن چيو ته دلدار جي چوڻ ۾ ناهي ته ان کي ڇڏ کڻي، اُستاد يوسف مون کي ماني وغيره کارائي ۽ مون کي سمجھايائين ته دوست ۽ يار هميشه مڙس ماڻهو ڪجي. مون کي ايئن محسوس ٿيو ته يوسف کي منهنجي ۽ دلدار جي دوستي نٿي وڻي. مون جلدي ۾ دلدار کي هڪ ٻيو خط لکيو ته شام ڪنهن به حال ۾ گڏجي پسار ڪرڻي آهي، دلدار خط جي جواب ۾ لکيو ته “رنگ رتو چڱو، ميلو مَتو چڱو” مان بلڪل به نه ايندس! اهو خط پڙهڻ کان پوءِ آئون تيار ٿي دلدار ڏي ويس، مون کي استاد روڪيو وڃڻ کان پر آئون هليو ويس. هو اڄ صفا مون لاءِ اجنبي لڳو پيو هو، جيتوڻيڪ مون هُن لاءِ تمام گھڻن دوستن کي ڇڏيو هو. تمام گھڻي دشمني پيدا پڻ ڪئي هئي، دلدار لاءِ تمام گھڻيون دليون پڻ ڏکايون هيم، پر هو آخرڪار پنهنجي رنگ تي اچي ويو هو،. مون هُن کي چيو ته رڳو 5 منٽ ٻاهر اچ پر هو صفا نهڪر ڪرڻ لڳو. اُن کي اُن جي ڀاءُ غلام حسين به گھڻو سمجھايو ته پاڻ ۾ دوست آهيو تون آصف سان هليو وڃي پر هُن چيو ته آئون پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهيان ڪنهن ڇلگريءَ جو غلام ناهيان! آئون هُن جي کوليءَ کان اڳتي وڌيس ته عملدار به مون سان اچي مليو جنهن سان مون ڪجح به ڪونه ڳالهايو پر پوءِ به هو ٽاور تي پهچي ويو. آئون کوليءَ ۾ موٽي آيس ته اُستاد يوسف مون کان سمورا احوال ورتا ۽ پوءِ هُن مون کي ميار ڏيندي چيو ته تون منهنجي به ڪونه رکي. هو مون کان اجازت وٺي عملدار ۽ پوءِ بدر ڀائوءَ سان ملي ڪجھه دير ۾ موٽي آيو ۽ پوءِ وري ساڳئي ڳالهه ڪيائين ته تون رڳو ٻه ڏينهن صبر ڪر، اسان ٻنهي پارڪ ۾ ڪجھه وقت گڏ گذاريو. ان دوران هُن مون کي بس اهوئي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته آئون توسان گڏ آهيان، تون موسمي ڏيڏرن کي ڇڏي ڏي. اهي تنهنجي لائق ناهن. خير دردار جي ياريءَ جو جنازو ئي دفنائي آيس، سپاهي رحمان ڇلگري ۽ عابد شيخ به گھڻو سمجھايو ته اهڙي ماڻهوءَ مان هٿ پٽ، هن وقت عابد ۽ ڏاهاڻي ٽي وي ڏسي رهيا آهن ۽ ناصر حسين وارو نئون گانو “هيءَ حسين زندگي ايئن گذري وئي، خواب هو يا هوا، ڪا خبر ئي نه پئي.” جا منظر بار بار ذهن ۾ ڦري رهيا آهن. اڄ منهنجي جيل جي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو ۽ خطرناڪ بدلاءُ آيو آهي. مون کي سڪندر لاشاري صاحب، علي شير کوسو، رشيد جمالي، بدر ڀائي ۽ ٻيا اُهي سڀ دوست ياد اچي رهيا آهن جن مون کي چيو هو ته ياري به پاڻ جھڙي سان ئي رکبي آهي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد 01 آگسٽ 2022 (شام جا 06:25 وڳا).

 

8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ اڄ جي عورت!‎‎

عورت خدا طرفان ڏنل انمول تحفو آھي پوءِ اها ماءُ جي روپ ۾ هجي، ڀيڻ جي روپ ۾ هجي يا وري گهر واريءَ جي روپ ۾. اها ئي عورت جيڪا بيبي فاطمه رضه بڻي اها ئي عورت جيڪا ملڪ جي پهرين وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو بڻي. عورتن جو سماج ۾ وڏو مقام آھي. فاطمه جناح کان ويندي بيگم زينت عبدالله تائين، هيلري ڪلٽن کان ويندي ملالا يوسف زئي تائين عورتن پنهنجو پاڻ ملهايو آھي. اها عورت ئي آهي جيڪا سسئي جي روپ ۾ جبل جهاڳي جدوجهد جي نشاني بني، اها ئي عورت جيڪا مارئي جي روپ ۾ “واجهائيندي وطن کي جي هت مياس” ڪندي ملڪ سان محبت جي علامت بڻي پر اڄ جي هن جديد معاشري ۾ عورت سان اڄ به غلامن جهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. نياڻين کي تعليم نه ڏيارڻ، ننڍي عمر ۾ شادي، متوازن غذا جو نه هئڻ، مانيءَ ۾ دير ڪرڻ تي ڪهاڙي يا بندوق اڀي ڪرڻ، ڀاءُ پسند جي شادي ڪري ته واهه واهه، ڀيڻ پسند جي شادي جي ڳالهه ڪري ته وڏو گناهه ڪري وڌائين، ڪارو ڪاري، سڱ چٺي، حق بخشرائڻ، عورتن جي چھري تي تيزاب هارڻ، پئسن عيوض زبردستي ڪنهن پوڙھي سان نڪاح ڪرائڻ، هي سڀ ظلم ويچاري عورت تي ڇو آهي؟ اسين ڪهڙي سماج ۾ پساهه کڻي رهيا آھيون؟ جو اسين عورتن کي جانورن کان به گهٽ سمجهون ٿا، اها ئي عورت جيڪا صحرا ۾ هر ڪاهي ٿي، اها ئي عورت جيڪا تتل واري تان گذري ڏورانهين هنڌ تي پاڻي ڀرڻ وڃي ٿي، اهائي عورت جيڪا لابارن کان ويندي نٽھڻ اس ۾ روڊن تي پٿر وڇائي ٿي پر اسان نادان بجاءِ عورتن جي عزت ۽ قدر ڪرڻ جي مانيءَ ۾ ٿورڙي دير ڪرڻ تان کيس ڪهاڙي سان ماري وجهون ٿا. سٻاجهڙي عورت سدائين ظلم ۽ عتاب جو شڪار رهي آھي. عورتون سدائين گهر جي چوديواري ۾ سونهنديون آھن پر اڄ هن بيحس سماج ۾ عورت ظلم کان تنگ ٿي دارالامان ۾ پناه وٺي ٿي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي وڏيون وڏيون ڪانفرنسون ڪوٺائبيون، وڏا فوٽو سيشن ٿيندا، بس صرف هڪ ئي ڏينهن کين دنيا جون مظلوم عورتون ڪوٺيو ويندو آھي پوءِ سڄو سال خاموشي. ويچاري عورت هر روز گهاڻي ۾ پيسجي ٿي، ظلم سهي ٿي، دانهين ٿي پر ڪير به سندس فرياد ٻڌڻ وارو ناهي هوندو. سچ اهو آھي ته جنهن ڏينهن به اسان عورتن کي برابريءَ وارا حق ڏيڻ شروع ڪيا ۽ اسان عورت جي عزت ۽ قدر سڃاڻي ورتو تنهن ڏينهن هي سماج جنت بڻجي پوندو.

غلام علي گل ٻجورو/سجاول

عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جو رويو

دنيا ۾ جتي مختلف ڏينهن ملهائي مختلف شخصيتين کي ڀيٽا ڏني وڃي ٿي اتي 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، عام طرح سان عورتن کي ڪمزور چيو وڃي ٿو پر اڄ ڪلهه جي عورت مضبوط به آهي ۽ طاقتور به، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ڪامياب مرد جي پٺيان ڪنهن عورت جو هٿ هجي ٿو، توڙي جو اسان جي معاشري ۾ عورت کي ايترو مضبوط ۽ لبرل نٿو سمجهيو وڃي پر يورپ ۽ ٻين خطن ۾ عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪن ٿيون. دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه پنهنجي شاعري ۾ ستين سورمين جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سسئي کي هڪ جدوجهد ۽ جاکوڙ جي علامت ٻڌايو ويو آهي.

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءَ پيئي، ساريندين کي سڄڻين.

ان کان سواءِ مارئي، سهڻي، نوري، مومل، ستن سورمين، کي ڳائي، انهن جو ڳاٽ پڻ اوچو ڪيو آهي. عورتن جي ڏينهن ملهائڻ جي به تاريخ آهي جيڪا 28 فيبروري 1909ع کان آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ گارمينٽ فيڪٽري جي ورڪر عورتن کان شروع ٿي. 1911ع ۾ يورپي ملڪن جون عورتون هن احتجاج ۾ شامل ٿيون، جيڪي پنهنجن حقن ۽ ووٽ لاءِ رستن تي احتجاج ڪيو. 1917ع ۾ رشين انقلاب کان پوءِ اتي پڻ عورتن وڏي تعداد ۾ احتجاج ڪيو. يورپ جي ڪجھ ملڪن ۾ ته هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ ماءُ جو درجو ڏنو ويندو آهي، U.N.O موجب هن وقت فقط دنيا جا 3 ملڪ آهن جتان جي اسيمبلين ۾ عورتن جو تعداد 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ ڪجھ ملڪن ۾ عورتون اڳواڻ پڻ آهن اسان لاءِ به ضروري آهي ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي قابليت معاشي، سماجي ۽ سياسي مدد ڪريون.

نور احمد ڏهوٽ/ڦلجي اسٽيشن

ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جھڙا خدشا!

هونئن ته ملڪ جي آدمشماري ڏھن سالن کانپوءِ ٿيندي آھي پر ھن وقت جيڪا ڊجيٽل آدمشماري ٿي رھي آھي اھا ٺيڪ 5 سالن اندر ڪئي پئي وڃي، ان ۾ سنڌي ماڻھن کي ڪيترائي خدشا آھن، وفاق پاران وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ مان ڇا مراد آھي؟ سنڌي ماڻھن کي ان ڊجيٽل آدمشماريءَ مان ڪھڙا فائدا ملندا سو ته ممڪن ئي ناھي، ھيءُ جيڪا ڊجيٽل آدمشماري جي مھم شروع ڪئي وئي آھي اھڙي تڪڙي ۽ تيزيءَ سان ڳڻپ يعني داخلا رکي پئي وڃي، جنهن مان عام ماڻھو کي ان بابت ڪا به ڄاڻ ناھي ملي سگھي. ٻھراڙي ۾ ايئن آدمشماري ڪئي پئي وڃي ته ڀلي ماڻھو وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه به ھجي پر ان کي رڪارڊ تي رکيو پيو وڃي. ھڪ پوليس اھلڪار ۽ ھڪ استاد کي محلي ۾ مقرر ڪري ماڻھن جي ڳڻپ ڪرائي پئي وڃي، جتي سڃاڻپ ڪارڊ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي رھي آھي يا وري ان جي گھر نه پئي ڪئي وڃي. اڪثر گھر ۾ مرد موجود ناھي ته ان کان موبائيل تي ڊيٽا وٺي خانا پوري ڪئي پئي وڃي. لڳي ايئن پيو ته ڄڻ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ سرڪار توڙي پيپلزپارٽي خود اھڙا خدشا ڏيکاري رھي آھي جنهن ۾ تازا بيان سامھون اچي رھيا آھن ته ھي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي ماڻھن کي قبول ناھي ڇو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا آڏو چئي چڪو آھي ته وفاقي حڪومت جيڪا ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي رھي آھي اسين ان مان مطئمن ناھيون، وفاق پاران اھڙي پاليسي رکي وئي ته کين اتحادي رستا ڌار ٿي سگھن ٿا پر ان باوجود ڊجيٽل آدمشماري جو ڪم تيزيءَ سان ھلي رھيو آھي. جتي ڌارين ماڻھن کي به ان ڊجيٽل آدمشماري ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ٻئي طرف سنڌي قومپرست اڳواڻ ھن ڊجيٽل آدمشماريءَ جا سخت مخالف بڻيل آھن. ايس يو پي پاران ان ڊجيٽل آدمشماري واري مھم کي روڪرڻ لاءِ لانگ مارچ ڪري رھي آھي پر پوءِ به وفاقي حڪومت ڊجيٽل آدمشماري واري مھم کي جاري رکيو پئي اچي، جنهن آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو ڪو به شرط ناھي رکيو ويو اتي ڪھڙي خبر ته ھي ماڻھو اصل ڪٿان جو رهواسي آھي؟ ان کان ڪارڊ جي ڪا به پڇا ڳاڇا نه پئي ڪئي وڃي، سنڌ ۾ اھڙي ڪمزور آدمشماري اڳ آمرن جي دور ۾ به ناھي ڏٺي وئي، جيڪا ھن وقت آدمشماري جي نالي تي صورت حال پيدا ڪئي وئي آھي. اسان جي ملڪ جا سياستدان بي خوف بڻجي ھڪ ٻئي خلاف گندي زبان استعمال ڪري رهيا آهن، جن کي غريب عوام جو ڪو به احساس ناھي رھيو، بهرحال وفاق توڙي سنڌ حڪومت کي ھن ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ واري مھم کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ گھرجي ان کي تڪرار بڻائڻ سان ملڪ ۾ وڌيڪ معامرا ڪر کڻي سگھن ٿا.

گل بيگ چانگ/خيرپورميرس

هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ ۾ عوام جو ٿيندڙ نقصان!

جيئن ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ سياسي گرما گرمي هلي رهي آهي ۽ هر سياسي پارٽي پنهنجي پنهنجي پوزيشن بهتر ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي ۽ ڪجهه وري پنهنجون ٺجوڙيون پر ان ۾ صرف ۽ صرف نقصان عوام جو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جو عوام ڏينهو ڏينهن غربت ۽ بي روزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي پر ان اٻوجهه عوام مٿان ڪنهن به سياستدانن کي ڪو رحم نه پيو اچي، ويتر سياستدان پنهنجي سياست ۽ پنهنجي انا خاطر غريب عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهيا آهن ۽ ڏينهو ڏينهن مهانگائي ڪري ويتر غريب عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ڪيترائي غريب ٻارن جي ماني نه هجڻ ڪري پوري گهرڀاتين سميت آپگھات ڪري رهيا آهن، پر افسوس ته اسان جي سياستدانن کي ذري برابر به ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ڇو ته بنگلن ۾ رهندڙن کي ڪهڙي خبر ته غريب ٻن وقتن جي ماني ڪهڙي سورن سان ٿو کائي؟ انهن کي ته پنهنجي پنهنجي لڳل آهي بس اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن کي به غريب عوام جو خيال ناهي پوءِ به انهن بيرحم سياستدانن کي اپيل آهي ته خدارا پاڪستان جي غريب عوام کان جيئڻ جو حق نه کسيو ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول آڻيو نه ته اهو ڏينهن پري ناهي ته رب پاڪ انصاف پاڻ ڪندو ۽ پوءِ ڪنهن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي.

آصف علي عباسي/سکر

هڪ چٺي وزيراعليٰ سنڌ ڏانھن!

تعلقو ميروخانNA-202 PS-15 اڳوڻو تڪNA-207 PS-38 شھيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ شهيد بيبي محترمه بينظير ڀٽو جو اهو تڪ آهي جتي شهيدن جا واعدا اڃا اڌورا آهن) ﺟﻨﻬﻦ تڪ تان وقت جا ليڊر اڳواڻ شهيد ذواﻟﻔــﻘــﺎر ﻋﻠﻲ ڀٽو ۽ سنڌ جي دادلي، بھادر نياڻي ﺷﮭــﻴﺪ محترمه بينظير ڀٽو اليڪشن کٽي ملڪ جا وزﻳﺮاﻋﻈﻢ بڻيا ۽ ان بعد محترمه فريال ٽالپر صاحبا پڻ ھن تڪ تان 2 ڀيرا MNA جي سيٽ کٽي وزارتن تي رھي چڪي آهي ۽ وقت بوقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ طرفان لاوارث تعلقي ميروخان جون واڳون ڪڏهن ڪلھوڙن جي ته ڪڏهن جوڻيجن ۽ وري ڪڏهن مگسي نوابن جي هٿ ڏنيون وينديون آهن ۽ هينئر پڻ ميراڻي ۽ اسراڻ، اسان جي مٿان MNA ۽MPA طور مڙهيل آهن پر افسوس تنھن ھوندي به اسان جي ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو کي ھر ان بنيادي سھولتن کان محروم رکيو ويو آهي جيڪي سھولتون انسان جي جياپي لاءِ اھم ھجن ٿيون، جھڙوڪ پاڻي، روڊ، رستا، اسڪول، صحت جون سهولتون وغيره جي ڏسجي ته لڳ ڀڳ 1200 گھرن ۽ 5000 ھزار کان وڌيڪ آدم شماري ۽ چئن وڏن پاڙيسري ڳوٺن جي اچ وڃ وارو هي علائقو اصل کان اوهان کي بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل نظر ايندو. اسان جون نياڻيون ۽ اسان جا معصوم ٻار ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول نه ھجڻ ڪري تعليم جھڙي زيور کان محروم رھجيو وڃن ۽ 5 درجي جي تعليم کان پوءِ اسان جا معصوم نينگر مال چارڻ تي مجبور آھن. بيوسي ۽ مجبوريءَ جو عالم ان انتها تي پهتل آهي. جناب اعليٰ جو خدا نه ڪري جو اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو مري ٿو پوي ته ان ميت کي دفنائڻ لاءِ ڳوٺ واسين کي گندي پاڻي جي واھن مان ڪراس ڪرڻو ٿو پوي، ان کان پوءِ جتي ميت پيا دفنايون ان قبرستان کي چوديواري ناهي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي ۽ نه صحت جي لاءِ ڪو شفاخانو آهي ۽ نه ئي اسلامي حڪمرانن اسان کي ڪا عيدگاهه ڏئي سگھيا آهن ۽ نه ئي وري ڪو نوجوانن جي راند روند لاءِ ڪو گرائونڊ، جناب اعليٰ مبارڪ ڪلهوڙو جو عوام شھيدن سان ڪيل واعدا ته نسل درنسل پاڙيندو پيو اچي پر انهن سان ڪيل شهيدن ۽ ميرن جا واعدا ڪير پاڙيندو؟

تسليم علي چانڊيو/مبارڪ ڪلهوڙو

سنڌ جي تعليم ۽

هتان جو مستقبل!

اڄ جي دور ۾ تعليم بنا انسان ڄڻ نه صرف اڌورو آھي بلڪه ڪنھن به ڪم جو ناھي، تعليم بنا ڪنھن به قسم جي ترقي يا خوشحالي ناممڪن آھي، دنيا ۾ تعليم ھر انسان جو ڄڻ ته بنيادي مقصد ھجي ٿو ۽ ھر فرد ان مان لازمي طور تي مستفيد ھوندو آھي، اھو ئي سبب آهي جو تمام گھٽ عرصي ۾ ترقي جي منزل کي حاصل ڪندا پيا وڃن، ايشيائي ٻين ملڪن کي ڏسجي ته اسان جي جي ڀيٽ ۾ اھي تمام اڳتي آھن. اسان سان گڏ آزاد ٿيل انڊيا جو مثال وٺو، تعليمي ميدان ۾ ھو اسان کان لڳ ڀڳ ڏھوڻ تي مٿي آھي، ان کي ڇڏي اسان جي ملڪ جو حصو رھندڙ ۽ بعد ۾ آزاد ٿيل بنگلاديش جو مثال وٺجي ته اھو به اسان کان تعليمي ميدان ۾ گھڻو اڳتي نڪري ويو آھي. پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اڄ ڪلهه بھتر ۽ معياري تعليم کان محروم آهي، ان جا ڪارڻ ته تمام گھڻا آھن پر انھن جي حل لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ يا قدم ناھن کنيا ويا. سنڌ ۾ تعليمي نصاب لڳ ڀڳ 50 سالن کان ساڳيو ۽ غير معياري آھي، پھرين ڪلاس کان 5 ڪلاس تائين پڙھندڙ ھڪ شاگرد کي اھو به معلوم ناھي ته انگريزي ڇا ھوندي آھي ۽ اھو اڄ جي دور ۾ اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيتري قدر اھميت رکي ٿي ۽ ڪيتري ڪارآمد آھي! انگريزي ته پنھنجي جاءِ تي پر انھن کي اردوءَ جي باري ۾ به ڪا چڱي ڄاڻ ناھي ھوندي، جيڪا اسان جي قومي ٻولي سڏجي ٿي، ڇھين ڪلاس ۾ اچڻ بعد ھڪ ئي وقت ۾ ست سبجيڪٽ ڏسي ھو گھٻرائجي وڃن ٿا ۽ سمجھڻ جي سگھ وڃائي ويھن ٿا، آخر ھڪ ٻار جنھن 5 سالن جن سبجيڪٽن جا نالا به ڏکيائيءَ سان ٻڌا ھوندا ھو ھڪ ئي وقت ۾ انھن کي ڪيئن سمجھي سگھندو؟ بظاھر ته ھاڻ اسان جي نصاب ۾ ڪجھ نيون شيون شامل ڪيون ويون آهن پر انھن کي پڙھائڻ لاءِ ڪو به طريقيڪار يا منصوبا موجو ناھن. دنيا ۾ ڪمپيوٽر ۽ هٿرادو ذھانت ذريعي ڇا کان ڇا نه پيو ڪيو وڃي، اتي اسان وٽ ميٽرڪ تائين ڪمپيوٽر جو ذڪر به ناھي، جيڪڏھن خوش قسمتيءَ سان ملي به وڃي ته اھو به 50 سال پراڻي نصاب جا بيڪار ڪتابن مان ٿو ملي، دنيا ڪمپيوٽر ذريعي پنھنجو پاڻ ھلندڙ ۽ پنھنجو پاڻ ڪم ڪندڙ انسان نما روبوٽ تيار پئي ڪري ته اتي اسان کي اڃا اھي مثال ڏئي ڪمپيوٽر جو تعارف ڪرايو پيو وڃي اسان جي نصاب ۾ ته ڪيميسٽري ۽ فزڪس ۽ ميٿ ميٽڪس جا 5 ڪلو وزني ڪتاب ته موجود آهن پر انھن کي پڙھائڻ، مشاهدن ۽ تجربن لاءِ ڪي به ليبارٽريز موجود ناھن ته پوءِ ڀلا ڪو ٻار وڏو سائنسدان ٿيڻ جو خواب به ڇا لاءِ ڏسي؟

محمد يونس بوزدار/شھدادڪوٽ

اقتداري سياست ۽ عوام!

سياست جيڪا عام ماڻهن جي حقن جي محافظ ھوندي آهي، اھا سياست ئي آهي جنھن ۾ مڙني مسئلن جا حل موجود آهن، پاڻ جھڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ عوامي مفادن واري سياست ۽ جمھوريت ۾ ئي عوام کي پنهنجا بنيادي حق ملڻ ممڪن آهي پر بدقسمتيءَ سان گذريل وڏي عرصي کان عوام دوست ۽ عوامي درد محسوس ڪندڙ حڪمرانن بدران ملڪ مٿان ذاتي مفادن واري، اقتداري سياست جو پوئوار طبقو قابض آهي، جنهن جو ملڪ جي عام عوام سان ڪو تعلق ڪونهي. ھي طبقو جڏهن اقتدار کان ٻاھر ھوندو آهي ته ھنن کي عوام ياد اچي ويندو آهي ۽ عوام کي خراب طرح پنهنجي اقتداري مفادن خاطر استعمال ڪري وڃي اقتدار حاصل ڪندا آهن ۽ اقتدار جي حاصلات تائين ھي سياسي طبقو عوامي امنگن جي ترجماني ڪندي ناھي ٿڪجندو پر جيئن ئي کين اقتدار جي سُتي اثر ڪرڻ شروع ڪندي آهي ته پوءِ سڀني کي عام عوام ۽ انھي جون بنيادي ضرورتون وغيره ايئن وسري وينديون آهن جيئن اليڪشن واري ڏينهن اسان کان حڪمرانن پاران ڏنل ڏک وسري ويندا آهن ۽ اسان وري به اھا ئي غلطي ورجائي ان ئي سياسي طبقي کي پنهنجي حقن جو محافظ مقرر ڪري ايندا آھيون جن پاڻ کان اڄ پنهنجي معصوم ٻچن جي پيٽ جو گرھ به کسي ورتو هوندو آهي. ھن طبقي جو عوام سان ڪڏهن به تعلق ناهي رھيو پر عوام ھن سياسي ٽولي جي مٺين ڳالھين، ڪوڙن دلاسن ۾ ڦاسي پوندو آهي. توڙي جو اٽي ۾ لوڻ برابر پر ملڪ ۾ ان اقتداري سياست جي پيروڪار طبقي جو متبادل، عوام دوست سياسي طبقو ۽ قيادت پڻ موجود آهي پر رياستي سھڪار سبب اقتداري سياست جو پيروڪار ٽولو ھن عوام دوست سياسي طبقي تي فلحال ھاوي آهي. موجوده ملڪي حالتن يا ويجهي ماضيءَ ۾ وفاقي پارٽين احتجاج، مھانگائي مارچ وغيره عوامي مفادن خاطر نه ڪيا آهن پر انهن ٻرندڙ عوامي مسئلن کي پنهنجي اقتداري مفادن طور استعمال ڪيو آهي ۽ ھن وقت به ھيءَ سموري سياسي ويڙھ ملڪي عوام جي اھنجن ۾ گھٽتائي خاطر نه پر اقتدار جي حاصلات لاءِ ئي وڙھي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ملڪي عوام جا بنيادي مسئلا مھانگائي تي ظابطو آڻڻ، تعليم، سٺي صحت ۽ روزگار وغيره آهن،  جيڪي ھنن اقتدار پرست حڪمرانن جي اوليتن ۾ شامل ئي ناھن، ھنن جي ويڙھ اقتدار کان شروع ٿي اقتدار تي ئي ختم ٿئي ٿي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

ڌرتيءَ تي زندگي

جي شروعات!

ڌرتي جي تهن مان خبر پئجي ٿي ته ڌرتي ساڍا چار ارب سال پراڻي آھي، سائنس جي موجب ڌرتي جو هي گرھ چمڪندڙ گئس ۽ ڌُڌهڙ جي هڪ ڪڪر سان شروع ٿيو جيڪو آھستي آھستي پگهريل پٿر جو گولو ٿيو، هلڪيون گئسن سان فضا ۾ سمنڊ ٺهيا جنهن مان اربن سالن کان پوءِ سمنڊن ۾ ئي پهريان ساھ واريون شيون ظاهر ٿيون ۽ انهن سان ئي ڌرتي تي زندگي جي ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي، ڪجھ سائنسدان يقين رکن ٿا ته ساھ واريون شيون پاڻي ۾ رهندڙ ٻوٽا ۽ جانور ھئا ۽ انهن ننڍڙن ذرڙن کي ڪو به هڏائون پڃرو نه هو. انسان جي شروعات بابت ڪيترائي نظريا آهن، انسان ذات اٽڪل هڪ لک سال اڳ وجود ۾ آئي، انڊونيشا جي ٻيٽ مان مليل پنڃري کي هومو اريڪٽس جي نالي سان سڏيو ويو، هومو لاطيني زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي انسان ۽ اريڪٽس جي معنيٰ آهي سڌو ٿي هلڻ وارا، هومو اريڪٽس وارن جا قد ڊگها ۽ مغز تمام ننڍا هئا، نئنڊرٿل جرمني جي ۽ ڪروميگنن فرانس جي غار آهي جنهن ۾ مليل اهي هڏاوان پڃرا جنهن کي هومو سيپئن سڏيو ويندو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ذهين انسان. نئينڊرٿل ماڻهن کي ئي هوموسيپئنس سڏيو وڃي ٿو، انهن ماڻهن جون ڇاتيون سوڙهيون ۽ پيشانيون ننڍيون ۽ دماغ ٿورڙا وڏا هئا ۽ اڄوڪي انسان کان ڏسڻ ۾ مختلف هئا. نينئڊرٿل ماڻهو 40 لک سال اڳي ئي مري کپي ختم ٿي ويا پر تاريخ ۾ انهن جي مري کپي وڃڻ جو ڪو به سبب ملي نه سگهيو آهي ۽ فرانس جي ڪروميگنن غار مان لڌل ماڻهو ۽ هاڻوڪا انسان به شايد اهي ئي انهي مکيا وقت جا مکيا قسم جا ماڻهو لکيا وڃن ٿا.

شهزاد علي زنئور/سجاول