مقصودو رند(ن پ ا) سنڌ جي مشھور اولياءَ بزرگ سخي سلطان فقير لاشاري جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون جاري آھن، عرس مبارڪ جي ٻي ڏينھن تي ملهه جا شاندار مقابلا ٿيا. ملاکڙي ۾ سنڌ جي مشھور ملهه پھلوانن زور آزمائي ڪئي. ملهه پھلوانن محمد خان رند، دودو ڏاھري، غلام حسين رند، بجلي درس مخالفن کي ملھون دسي خوب داد حاصل ڪيو . عرس مبارڪ ۾ درگاھ جي اڱڻ تي سگهڙ ھادي بخش حيدري پاران سگھڙ ڪچھري ڪوٺائي وئي ۽ سگھڙن ڏور بيت ڏنا. جڏھن ته محفل موسيقي ۾ مشھور فنڪارن رضا محمد بروھي، ساجد حسين رند، استاد محمد جمن، اياز گل رند ، دادن فقير ۽ سر وکيريا. عرس مبارڪ ۾ کاڌي پيتي ۽ مٺائين جا اسٽال لڳايا ويا آھن جڏھن ته ٻيا کيل تماشا پڻ لڳايا ويا آھن