راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي مشهور فرنچائز ملتان سلطانز جي جارحاڻي مزاج جي بيٽر ٽيم ڊيوڊ اعتراف ڪيو آهي ته پي ايس ايل منهنجي ڪيريئر ۾ تمام وڏو ڪردار ايدا ڪيو آهي. راولپنڊي ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ خلاف کيڏيل ميچ ۾ ملتان سلطانز جي آل رائونڊر ٽم ڊيوڊ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) کي پنهنجي عالمي شهرت جو سبب قرار ڏيندي چيو ته مونکي پاڻ مان تمام گهڻيون اميدون آهن، ميدان ۾ لهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ حصو وجهڻ چاهيان ٿو. ٽم ڊيوڊ چيو ته ڪوشش آهي ته ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪريون، اسان گذريل سال ٻئي نمبر تي آيا هئاسين ۽ فائنل هارائڻ واقعي مايوس ڪندڙ هو، هن چيو ته ملتان سلطانز منهنجي پهرين فرنچائز ٽيم آهي جنهن مونکي موقعو ڏنو.