جهنگلي جيوت جو عالمي ڏينھن

0
121
جهنگلي جيوت جو عالمي ڏينھن

  اھا سن۲۰۱۳ع جي ڊسمبر مھيني جي ويھين تاريخ جي ڳالھ آھي، جڏھن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ اٺين ويھڪ ۾ خطري ھيٺ آيل جهنگلي جيوت وڻن، ٻوٽن، گاھن، پکين، پکڻن، جانورن، ولين، گلن جي بچاءَ جو وچن Convention on International Trade in Endangered  Species of Wild Fauna and Flora (CITES) ڪيو ھو ته ھر سال مارچ مھيني جي ٽين تاريخ تي ‘جهنگلي جيوت جي بچاءَ جو عالمي ڏينھنUN World Wildlife Day  ڪري ملھائينداسين. جيئن جهنگلي جانورن، ميون، ٻوٽن ۽ وڻن ٽڻن متعلق آگاھي ڦھلائي سگهجي. گڏيل قومن جي ان پڌرنامي تحت ھڪ سيڪريٽريٽ پڻ قائم ڪئي وئي، جيڪا معلومات ۽ آگاھيءَ لاءِ ڪوشان رھندي.

اڄ ۲۰۲۳ع جي ٽين تاريخ تي ان فيصلي جي پنجاھين سالگرھ پڻ آھي. ھاڻي جيڪڏھن چوڌاريءَ نظر ڦيرايون ته پنھنجي سماج ۾ اھڙي آگاھيءَ جو ڪھڙو عالم آھي ته ڪنڌ جهڪي ٿو پئي.

ھڪ پاسي جٽادار ترقيءَ جي منزلن SDGs تحت دنيا پنھنجي مختلف سماجن ۾ نئين نسل کي جهنگلي جيوت سان نه رڳو متعارف پئي ڪرائي پر معدوم ٿيل جيوت کي واپس انهن جي پراڻن علائقن ۾ ٻيھر آباد ڪرڻ تي سيڙپڪاري پئي ڪري ۽ ھتي سنڌ ۾ ڪو اھڙو روڊ رستو ڪونھي، جنھن تي ھر ڏينھن ڪنھن نه ڪنھن جهنگلي جانور جو بي سبب موت نه ٿيندو ھجي.

جهنگلي جيوت ڇا آھي؟

انسانن جي اثر کان ماروا فطري ماحول ۾ جهنگن ۾ پلجندڙ جاندار، جن ۾ جانور، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، گاھه، وليون، مڇيون، پکي پکڻ وغيرہ.

جهنگلي جيوت جي ڏينھن مان مراد ڇاھي؟

سڄي دنيا ۾ جهنگلي جيوت انسانن جي نه رڳو کاڌ خوراڪ پر اجهي ۽ صحتمند سماج جو پڻ ضامن آھي. انساني سماج جهنگلي جيوت تي کاڌ خوراڪ کان ويندي اجهي ۽ روزگار لاءِ ڀاڙيندا آھن. اڄ به ھن ايڪويھين صديءَ ۾ لکين ماڻھن جي ھزارين سماجن ۾ جهنگلي جيوت بنيادي روزگار جو ذريعو جهنگلي جيوت آھي.

جهنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ اڄوڪي ڏينھن ۽ ھن سال جو واعدو آھي “جهنگلي جيوت بچائڻ لاءِ شراڪت”. سرمائيداري سماج ۾ اهو عھد به ڪيترو عجب ٿو لڳي، جنھن ۾ سماج جي سڀني پرتن کي ھڪ گڏيل سوچ تحت جهنگلي جيوت کي جيئدان ڏيڻ جو واعدو آھي. اھو به انھيءَ ساڳئي سماج طرفان، جيڪو ھڪ ٻئي کي جيئدان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھي. چئوطرف اک ڦيرايو ته اوھان کي انساني سماجن جي اندروني ڇڪتاڻ يا ھڪ ٻئي تي سرسي حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ سڀ کان وڌيڪ خطري ھيٺ جهنگلي جيوت ڏسبي. اھي جنگيون ھجن يا نام نھاد سرمائيداراڻي ترقي، سڀ کان وڌيڪ خطرو جهنگلي جيوت کي آھي.

جهنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ شراڪت جي ان واعدي ۾ به جيڪڏھن ڏسجي ته جن ٻن ڳالھين تي ھن سال زور ڏنو پيو وڃي، اھي جهنگلي جيوت کان وڌيڪ سرمائيدارن جي مالي فائدي جون شراڪتون آھن؛

(1) ست ساگر جيڪي سوين سمنڊن، گهاٽين، نارن جي شڪل ۾ ڌرتيءَ جي ستر سيڪڙو ايراضيءَ تي پکڙيل آھن، انھن ۾ موجود سامونڊي حيات جي بچاءَ، واڌ ويجهه ۽ شڪار تي شراڪت ڪرڻ.

(2) دنيا ۾ ڦھليل مختلف ڪاروبارن ۾ جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ سماجن، ملڪن، ڪاروباري ادارن، واپارين ۽ سيڙپڪارن جي گڏيل اشتراڪ سان پاڻ پتوڙڻ

خطري ھيٺ آيل پرجاتين species جي واپار وارو پڌرنامو CITES  ڇا آھي؟

خطري ھيٺ آيل پرجاتين species جي واپار واري پڌرنامي CITES  مان مراد آھي گڏيل قومن جو پڌرنامو، جنھن تحت مختلف جنسن جي جهنگلي جيوت جي ڪاروبار کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آھي ۽ ان سلسلي ۾ رڪن ملڪن کي پابند ڪيو ويو آھي ته اھي رَکون  sanctuaries  قائم ڪري انھيءَ مخصوص جيوت کي واڌ ويجهه جو موقعو ۽ ماحول فراھم ڪن.

سن۱۹۷۳ع ۾ گڏيل قومن جي ۱۹۴ ميمبرن مان رڳو ايڪويھن ان پڌرنامي تي صحيون ڪيون ھيون، جن جو اڄوڪو تعداد ۱۸۴ آھي. انھن ملڪن ۾ ۳۸۰۰۰ مختلف نسلن ۽ قسمن جي جهنگلي جيوت کي جھڙوڪر جيئدان مليو آھي. پاڪستان سن ۱۹۷۶ع ۾ ان معاھدي ۾ شامل ٿيو ۽ ھن وقت سڄي ملڪ ۾ جهنگلي جيوت جي رَکُنِ جو تعداد نوانوي آھي. سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جي رَکُنِ جو تعداد ۴۶ ڄاڻايل آھي.