جهاز جيان ٽيڪ آف ڪندڙ ڦيٿن وارو ڊرون تيار

0
366

ميبرن (دلچسپ نيوز) پوئنگ ڪمپني پنهنجي ڊرون ٽيڪنالوجي ۾ جدت آڻيندي هوائي جهاز جيان ٽيڪ آف ڪندڙ ڦيٿن وارو ڊرون تيار ڪيو آهي.ان ڊرون کي لوئل ونگ مين جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جو سمورو وزن ان ڦيٿا برداشت ڪن ٿا ۽ ان ۾ جهاز جهڙي قوت به موجود آهي.ان کي لينڊنگ گيئر ٽيڪنالوجي سان ليس ڪيو ويو آهي يعني ان جا ڦيٿا جهاز جيان کلندا ۽ بند ٿيندا آهن.ان ڏس ۾ آسٽريليا جي رائل ايئرفورس لاءِ ان جون ٽئي ڊزائين ٺاهيون ويون آهن جيڪي لوئل ونگ مين ايڊوانسڊ ڊولپمينٽ پروگرام جو حصو آهن.پر اهو عام ڊرون نه هوندو ۽ انساني ۽ غير انساني طيارن سان گڏوگڏ اڏام ڀريندو ۽ هڪ وڏي مشن جو حصو هوندو.ان سموري منصوبي ۾ بوئنگ سان گڏ 16 مختلف ادارن به تحقيق ڪئي آهي جنهن جو مقصد ڊرون کي عالمي مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻ آهي.ڊرون جي ڊيگهه 38 فٽ آهي جيڪا جديد ترين ڊجيٽل انجينيئرنگ ۽ نت نئين مٽيريل جو هڪ شاهڪار آهي.سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اهو مڪمل طور تي غير انسان بردار جيٽ ڊرون آهي جنهن جي اڏام ويڙهاڪ جهاز جهڙي ۽ رينج 3700 ڪلوميٽر آهي.پر ان جو ٻيون خاصيتون ظاهر ناهن ڪيون ويون ۽ خيال آهي ته ڦيٿن جي ڪري اهو بمبار ٿي سگهي ۽ جاسوسي ۽ نگرانيءَ جو به ڪم ڪري سگھي ٿو.