جن ٿا ڪڍون:تنگواڻي ۾ ڀوپن نينگري کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو

0
339

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ پٿر واري دور جون روايتون هلندڙ آهن، ڀوپن پاران تشدد ڪري 15 سالن جي نينگري شفانا خ جي حياتي کسي ورتي، ڳوٺ معصوم شاهه جي ڀوپن جن ڪڍڻ وقت ڳوٺ ڳهڻو کوسو جي رهواسي نينگري شفانا ڌيءُ مير حسن لاشاري کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ماري ڇڏيو، تشدد جو نشانو بڻايل نينگري کي وارثن جنن جي تاب ۾ مرڻ ۽ الله جي رضا طور لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا، پوليس واقعي کان بيخبر بڻيل آهي ۽ ڀوپا واقعي واري هنڌان کسڪي فرار ٿي ويا.