دهشتگردي جا خطرا افغانستان کان ٻي هنڌ منتقل ٿي چڪا آهن: آمريڪا

0
542

آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن چيو آهي ته دهشتگردي جا خطرا افغانستان کان هاڻي ٻي هنڌ منتقل ٿي چڪا آهن، امريڪي ميڊيا کي انٽرويو ۾ افغانستان کان امريڪي فوج جي واپسي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ انٿوني بلنڪن جو چوڻ هو ته القاعده ڪمزور ٿي چڪي آهي، آمريڪا جي خلاف القاعده جا افغانستان مان حملن جو ڪو به خطرو نه آهي، هن چيو آهي ته هاڻي اسان جي ايجنڊا ۾ چين سان واسطا، ماحولياتي تبديلي، ڪورونا جهڙا مامرا شامل آهن، اسان پنهنجي طاقت ۽ وسيلا هن مامرن ۾ استعمال ڪنداسين، هن چيو آهي ته افغانستان مان جيڪي مقصد حاصل ڪرڻا هئا اهي آمريڪا حاصل ڪري چڪو آهي، اسان جي انٽيلي جنس افغانستان جي مامرن ۽ خطرن تي نظر رکندي.