ٽنڊي آدم ۾ بجلي جون تارون ٽٽڻ سبب 3 ڄڻا فوت

0
885

ڄام نواز علي (ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ حيسڪو جي نااهلي سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا، کنڊو روڊ تي 11 هزار وولٽ جي تار موٽر سائيڪل سوارن مٿان ڪري پئي، پيءُ پٽ ۽ سندس ڀاءُ فوت، فوتين ۾ عبدالحڪيم ڇٽو، غلام قادر ۽ 12ورهين جو جاويد ڇٽو شامل آهن، واقعي بعد حيسڪو چيف نوٽيس ورتو، ايس ڊي او، لائين سپرنٽينڊنٽ ۽ لائين مين کي معطل ڪيو ويو، فوتين جَي وارثن طرفان حيسڪو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، حيسڪو ترجمان واقعي کي حادثو قرار ڏئي ڇڏيو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ترجمان صادق ڪٻر چيو آهي ته ٽنڊو آدم ۾ برسات ۽ تيز هوا جي نتيجي ۾ تارون ڪري پيون هيون، متاثرن سان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.