جنگشاهي (ن پ ا) جنگشاھي ويجھو ڳوٺ علي احمد جوکيو ۾ صفدر جوکيو بندوق جا فائر ڪري غير شادي شدہ نوجوان ناري گلناز ڌيءُ ذوالفقار جوکيو کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف  جوابدار صفدر جوکيو پاڻمرادو بندوق سميت جنگشاهي پوليس  وٽ پيش پيو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو،  ٻئي طرف مقتولا جي والد ذوالفقار جوکيو ٻڌايو تہ سندن مڪلي ۽ جنگشاھي لڳ ڳوٺ علي احمد جوکيو ۾ گھر آھن، هن چيو تہ سندس نياڻي جي سندس ڀائٽي صفدر جوکيو سان صبح سوير شڪار تي ويندي منھن ماري ٿي آھي، جنھن ڪاوڙ ۾ اچي بندوق جا فائر ڪري نياڻي کي قتل ڪيو آھي، هوڏانهن پوليس موجب ته  صفدر جوکيو پنھنجي سؤٽ گلناز کي قتل ڪيو آھي، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.