سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀوديرو ڀرسان ڳوٺ حسين بخش چنڊي لڳ نواڙو شريف جي رھواسي اڌڙوٽ جو ونئڻن جي  فصل مان لاش هٿ آيو. ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته شيرل ولد محمد جمن چنڊي هڪ ڏينهن اڳ نواڙو ويو ته رات پوڻ تي به واپس نه آيو. صبح جو ڳوٺاڻن نواڙو ڀرسان ونئڻن جي فصل ۾ لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش کڻائي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. لاش ڀرسان بيٽري، ٽارچ، ھڪ شيشي ۽ ھيروئن جون پڙيون ھٿ آيون آهن. وارثن صحافين کي ٻڌايو ته شيرل ھيروئن جو موالي ھو. گهڻي مقدار ۾ نشو واپرائڻ سبب مري ويو آھي، ڪابه ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاھيون. وارثن جي چوڻ تي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بغير لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.