سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ريلوي ڪوارٽر مان نامعلوم شخص لاش هٿ آيو.  ايڌي رضاڪارن موجب ريلوي پوليس سکر کي نيوپنڊ بوسا لائين ريلوي ڪوارٽر ويجهو 35 ورهين جي نامعلوم شخص جو لاش مليو آهي. ريلوي پوليس ايڌي ايمبولنس ذريعي لاش سکر سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي بعد مڙهه لاوارث ڄاڻائي پوليس جي نگرانيءَ ۾ نئون ڳوٺ قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو.