اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واري معاملي تي 10 رڪني وزارتي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، ڪاميٽي جو سربراهه قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ هوندو، ناڻي وزير، مواصلات، غربت، آءِ ٽي، تعليم، دفاعي پيداوار، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي،اينٽي نارڪوٽڪس، وارا وزير ڪاميٽي ميمبر هوندا، ڪاميٽي ۾ وزيراعظم جو ڪشمير بابت صلاحڪار به ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي، جوڙيل ڪاميٽي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي، ڪاميٽي پي ٽي آءِ اختيارين کي قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾  ڳجهي معلومات فراهم ڪندڙ اهلڪارن جو تعين ڪندي، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسيٽس رڪوري يونٽ ۽ ايف بي آر جي ان وقت جي سربراهن ۽ اختيارين قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ پنهنجي اختيارن کي اورانگهيو..