اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رانا شميم توهين عدالت ڪيس دوران رمارڪس ڏنا ته رانا شميم جي حلفي بيان واپس وٺڻ جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج رانا شميم جي حلفي بيان تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪيس دوران ريمارڪس ڏنا ته حلفي بيان جعلسازي جي زمري ۾ به ايندو آهي پر هي عدالت ان ۾ نه ويندي. هي عدالت اهو يقيني بنائيندي ته رانا شميم حلفي بيان پنهنجي مرضي سان واپس ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته عدالت اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ان خلاف دليل ٻڌندي. رانا شميم کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ يپش ٿيڻ جي ضرورت ناهي. توهين عدالت جي حد تائين رانا شميم حلفي بيان واپس وٺي ڇڏيو. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي ان ان کي ٻڌي فيصلو ڪنداسين؟ اٿارٽي جنرل کان اهو به پڇنداسين ته ڇا اخبارن جي به ڪا ذميواري هوندي آهي. اسان ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کان ڪجهه نقطن تي مدد وٺنداسين. ياد رهي ته توهين عدالت ڪيس ۾ رانا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نئون معافي نامو جمع ڪرايو آهي. رانا شميم نئين معافي نامي ۾ حلفي بيان ۾ لکيل لفظ واپس وٺي ڇڏيا آهن ۽ غيرمشروط معافي طلب ڪئي آهي. رانا محمد شميم 10 نومبر 2021 تي لنڊن ۾ هڪ حلفي بيان قلمبند ڪرايو هو جنهن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس تي الزام هڻندي هن لکيو ته جسٽس ثاقب نثار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي نوازشريف ۽ مريم نواز کي جولاءِ 2018 جي چونڊن کان اڳ ضمانت تي آزاد نه ڪرڻ لاءِ چيو هو.