نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو نيويارڪ بدران واشنگٽن پهچي ويو، بلاول ڀٽو دبئي کان نيويارڪ ايندڙ اڏام نڪري وڃڻ سبب واشنگٽن جي اڏام ذريعي آمريڪا پهتو، پرڏيهي وزير جي اڏام نڪري وڃڻ تي سفارتي عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت سبب اڪثر سفارتي عملو  اڳ ئي نيويارڪ پهچي چڪو هو، بلاول ڀٽو کي نيويارڪ پهچڻ لاءِ وڌيڪ 5 ڪلاڪ سفر ڪرڻو پيو.