ملير  (رپورٽر)  جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گهر تي فائرنگ، جسقم چيئرمين، سندس ڀائر ۽ خاندان محفوظ رهيا، ڪارڪنن جو احتجاج، ان ڏس ۾ اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي گلشن حديد واري رهائشگاهه تي نامعلوم هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي، گهر ٻاهران ويٺل جسقم چيئرمين ۽ سندس ڀائر محفوظ رهيا، فائرنگ جي خبر تي سوين ڪارڪن پهچي ويا، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته گذريل رات 8 کان 10 پرائيويٽ ويگوز ۽ ڪارن ۾ سوار پوليس وردي پاتلن سميت  سادا ڪپڙا پهريل هٿياربندن هيٺ  لهي اسان مٿان فائرنگ ڪئي هن ميڊيا کي ويڊيو فوٽيج ۽ گولين جا خول ڏيکاريندي وڌيڪ چيو ته هن خوني حملي ۾ آئون ۽ منهنجا ڀائر قوثين خان قريشي، جي ايم قريشي ۽ سئوٽ سعد قريشي معجزانا طور تي بچي ويا آهيون، هن چيو ته منهنجي بابا بشير خان قريشي ۽ چاچا مقصود خان قريشي کي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ  تان قتل ڪيو ويو، سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ گهرن تي چڙهايون معمول بڻجي چڪو آھي، اسان مٿان ڪوڙا ڪيس مڙهيا ويا آهن، هن چيو ته  مون مٿان ٿيل قاتلاڻي  حملي جي آزاداڻي جاچ ڪرائي ملوث ڌرين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي پاسي جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن مختيار سومرو، بابر سيال، فيصل عباسي، منور ديشي ۽ راشد گوپانگ جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو،