پير وسڻ(ن پ ا ) پيروسڻ ڀرسان  قادر ڏنو شر مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي ڪوچ جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙي فوت، وارثن طرفان مهراڻ هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. پير وسڻ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي فقير علي گوھر شر اسٽاپ وٽ ڪراچي کان پشاور ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جي ٽڪر ۾ 10 سالن جي ٻارڙي انيلا ڌيءُ سلطان شر فوت ٿي وئي آھي فوتي ٻارڙي جي وارثن پاران مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نينگري جي وارثن فقير علي گوهر شر، سلطان احمد شر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته مھراڻ ھاءِ وي روڊ مٿان ھيوي ٽريفڪ ۽ ڪوچن جي گذرڻ جي پابندي ھجڻ باوجود انتظاميا پاران رشوت عيوض کين ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي جنھن سبب ھيوي ٽريفڪ ۽ ڪوچن جو گذر بند نٿو ٿئي ۽ انتظاميا جي اھڙي لاپرواھي سبب ڪئي وئي آهي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهي اڄ اسانجي معصوم نينگري روڊ حادثي ۾ فوت ٿي آھي. ھن وڌيڪ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي  خيرپور کان مطالبو ڪيوآهي ته روڊ تان هيوي ٽريفڪ بند ڪئي وڃي ته جيئن اڳتي ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي. ايس ايس پي خيرپور پاران وارثن سان ڳالهيون ڪرڻ تي روڊ کولرايو.