سپريم ڪورٽ طرفان نيب کي ڪرپشن ڪيسز ۾ هيل تائين اوڳاڙيل رقمن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم

0
191
وفاقي سرڪار پاران چونڊون

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب کي ڪرپشن ڪيسز ۾ هيل تائين اوڳاڙيل رقمن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نيب جي قانون ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي

 عدالت سوال ڪيو ته هيل تائين ڪهڙي صوبي يا وفاقي حڪومت وٽ ڪيترا پئسا جمع ڪرايا ويا آهن؟ نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏيندي چيو ته جنهن حڪومت يا اداري جي رقم ۾ گهوٻيون هنيون وينديون آهن، اها رقم ان حڪومت يا ادارن وٽ جمع ڪرائي ويندي آهي

 چيف جسٽس چيو ته جمع ڪرايل رقم جا سمورا تفصيل ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پيش ڪيو، پوءِ جائزو وٺنداسين، نيب ترميمن تحت بي نامي اڪائونٽس جي مالي ادائگين جو ثبوت به نيب کي ڏيڻو آهي

 جسٽس اعجازالاحسن چيو ته نيب ترميمن قانون جو دائرو وڌائڻ بدران محدود ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

عمران خان هاڻي به سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي حڪم ٿا ڏيون ته کيس گرفتار نه ڪري:عدالت