دوڙ (ن پ ا) جسقم ڊويزن شھيد بينظير آباد جي صدر شعبان ماٽي پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي 6 تاريخ تي آزادي جي گھر ڪئي کيس آزاد نه ڪرڻ جي صورت ۾ 7 تاريخ جولاءِ تي پريس ڪلب نوابشاهه اڳيان پاڻ مٿان پيٽرول ھاري پاڻ کي باهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو جنهن تي جسقم چيئرمين ۽ جسقم ھائوس جي سخت ھدايتن تي مرڪزي اڳواڻ سياسي سماجي، سيد، سول سوسائٽي، صحافي، اديب ۽ پارٽي ورڪر شاهه جو رسالو کڻي منٿ ميڙ قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ فقير دوست محمد ھيسباڻي ۾ شعبان علي ماٽي وٽ پھتا، جتي پارٽي چيئرمين جو پيغام پھچايو ته توھان جي پارٽي سان سچائي ۽ محبت قبول پئي، توھان جي پارٽي ۽ سنڌ کي ضرورت آھي تنهن ڪري پنهنجو فيصلو واپس وٺو ۽ پارٽي ۽ سنڌ لاءِ خدمتون جاري رکو جنهن تي شعبان علي ماٽي سڀني آيل دوستن جي منٿ قبول ڪندي پنهنجو پاڻ ساڙڻ وارو اعلان واپس ورتو ۽ اعلان ڪيو ته منهنجو جيئڻ مرڻ جسقم سان آهي ۽ پارٽي چيئرمين جي آزادي تائين تحريڪ جاري رکندس، آيل منٿ ميڙ قافلي ۾ سڄڻ سنڌي، سيد باقر علي شاهه، سيد مھتاب علي شاهه، عبدالرحمان لاکو، جيمست مسعود شاهه، عارف خاصخيلي، شڪيل لکمير، سميت سوين ماڻھو شريڪ هئا.